ملير جي مراد ميمڻ ڳوٺ جي بوائز اينڊ گرلز پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ برقرار

800ٻارڙن جي لاءِ صرف 8 استاد مقرر آهن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي: ڳوٺاڻا

ملير جي مراد ميمڻ ڳوٺ جي بوائز اينڊ گرلز پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ برقرار

ملير (ڊر ) ڪراچي ملير جي مرڪزي علائقي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ گذريل 70 سالن کان تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ۽ ماضي ۾ آئيڊيل اسڪول طور تي سڃاتو ويندڙ گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز پرائمري اسڪول (مين) استادن جي کوٽ سبب مسئلن جي ور چڙهي ويو، 800 ٻارڙن کي فقط 8،استاد تعليم ڏيڻ لڳا تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب 800 کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل ڌاء تي لڳي ويو اسڪول جي انچارج ماستر حبيب الله بروهي سينيئر استاد نور محمد ڄاموٽ استاد محمد عيسي ڄاموٽ سياسي سماجي اڳواڻن شفيع بروهي عبدالغني قاضي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ 26 استادن جي هن وقت گهرج آهي مگر بار بار شڪايتن جي باوجود تعليم کاتي جا آفيسر استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن ڪجهه عرصو اڳ وڌيڪ ٻن استادن کي بدلي ڪري ويتر استادن جي کوٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي شاندار عمارت هجڻ باوجود هتان جا ٻار استادن جي کوٽ سبب صحيح معني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم بڻجي ويا آهن جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا فرش تي ويهي علم پرائڻ تي مجبور آهن ماضي ۾ ڊبل شفٽ تي هلندڙ اسڪول هن وقت صرف صبح جي شفٽ طور هلي رهيو آهي جڏهن ته ڪنهن استاد جي موڪل ڪري نه اچڻ تي ان ڏينهن تي لاڳاپيل استاد جي ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي مجبوري ۾ موڪل ڏئي گهر موڪليو ويندو آهي بروهي محله ڄاموٽ محله بلوچ محله سمه بلوچ محله قلندر سوسائٽي گلستان مصطفي غفور بستي سميت ٻين علائقن سان تعلقي رکندڙ اڪثريت پورهيت طبقي جا ٻار هن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ اچن ٿا مگر استادن جي کوٽ سبب ٻارڙن کي توجهه سان مڪمل تعليم نه ملي رهي آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي ڪيترائي والدين مجبوري ۾ پنهنجي ٻارڙن کي نجي اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهن اسڪول انتظاميا ۽ علائقي واسين سنڌ حڪومت وزير تعليم سنڌ ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪندي چيو ته پنجاھ هزار کان وڌيڪ آبادي جي ايريا تي مشتمل سرڪاري پرائمري اسڪول جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ فوري طور تي نوٽيس وٺي استادن جي مقرري سميت فرنيچر جي کوٽ ختم ڪرڻ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ٻارڙن جي مستقبل کي اونداهو ٿيڻ کان بچايو وڃي،