English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ مختلف هنڌن کان ٿيندو جهڏو پهي ويو، گلن جي ورکا سان آجيان
views
|
04th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ تي حملي آور ٿي سنڌ جي ماڻھن کي رستن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي: مظهر راهوجو ۽ ٻيا اڳواڻ
نئون ڪوٽ/جھڏو(رپورٽر) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٻئي ڏينھن گلن واري موري کان نئون ڪوٽ، اڪوٽو شاخ، سم موري، روشن آباد، نبي سر موڙ ۽ ٻين ھنڌن تان ٿيندو جھڏو پھتو، جتي مارچ جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويون. مارچ جي اڳواڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، زاھد گل اوٽو، حيدر ڀٽي، راجيش ڪمار، لالجي ڪولھي، انور فوجي ۽ ٻين ڪئي. جھڏو ڀرسان سوين ھاري ڪوڏرون کڻي مارچ ۾ شامل ٿي ويا. مارچ جو مختلف ھنڌن تي استقبال ڪيو ويو. مارچ اڄ ٽئين ڏينھن تي جھڏو کان انب ڀيل اسٽاپ تي پھچندو. پيادل مارچ کي مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ حڪمران پاڪستان کي ڪمزور ڪري رھيا آھن. جنھن وقت ملڪ سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آھي. ان وقت سنڌو درياھ تي حملي آور ٿي سنڌ جي ماڻھن کي بہ رستن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. سنڌو درياھ تي ھرگز ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو. چولستان سميت 6 ڪئنال سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن آھن. وفاقي وزير ڪوڙ ھڻي رھيا آھن تہ اھي پنھنجي پاڻي کي استعمال ڪندا. سسٽم ۾ ايترو پاڻي ناھي جو ڪو ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھي سگھجي. پيپلز پارٽي جا وزير کوکلي مخالفت ڪري رھيا آھن، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي پر پيپلز پارٽي جو ڪٿي بہ احتجاج نظر نٿو اچي. ڪئنالن جي اصل منظوري ايوان صدر ۾ ويٺل آصف زرداري ڏني آھي. پيپلز پارٽي جا حڪمران ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار آھن. مظھر راھوجي چيو تہ اسين ڪنھن بہ قيمت تي سنڌ بنجر ۽ بيابان ٿيڻ نہ ڏينداسين. ڪئنال ٺھي ويا تہ ماڻھن کي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نه ملندو. درياھ ۾ واري اڏامندي. سنڌ جا ماڻھو درياھ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ شامل ٿين. ھر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شھر ۾ احتجاج ڪيو وڃي. آئي ايم ايف جي چوڻ تي زراعت تي ٽيڪس جو بم ڪيرايو ويو آھي. ھارين ۽ آبادگارن جي چيلھ ڀڄي پوندي. زرعي ٽيڪس سان مھانگائي ۾ اضافو ٿيندو. حڪومت سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو بدحالي جو شڪار آھن. انور نوحاڻي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا جي حڪومت سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. آبادگار بدحال ٿي ويا آھن. فصلن جو اگھ نٿو ملي. ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي. سنڌو درياھ تي حملي خلاف خاموش نہ ويھنداسين. درياھ خاطر ساھ جي آخري ھڏڪي تائين جدوجھد جي ميدان تي ھونداسين. جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو ائين ڪئنال بہ ٺاھڻ نہ ڏينداسين. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زاھد گل اوٺو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي جمھوريت پسند ۽ محب وطن ھجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪرپٽ حڪمران مسلط ڪري سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. سنڌ جي تعليم، امن، گورننس، صحت، روينيو سميت سمورن ادارن کي ڪرپٽ ڪيو ويو آھي. سنڌ دشمن 6 ڪئنال ٺھيا ته سنڌي ماڻھو اڃ ۽ بک مري ويندا. زراعت ختم ٿي ويندي. اسين ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. شوڪت نوحاڻي چيو تہ سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان ڪري سنڌ خلاف سازشون ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مجيد ٻڳھيو چيو تہ پيپلزپارٽي کي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن جي دولت گھرجي. 17 سالن جي حڪومت سنڌ کي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. سنڌو درياءَ مان ڪئنال نڪتا تہ سنڌ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. درياھ تي ڌاڙو سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي آھي. جر زھريلو ٿي ويندو. پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ڀڙڀانگ ڪيو پيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. جڏھن تہ راجيش ڪمار، حيدر ڀٽي، خادم سمون ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
5فيبروري—ڪشمير ڏهاڙو: آزاديءَ جي جدوجهد جو هڪ نئون باب
04th Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انساني رويا ائين اسان جو سماج
04th Feb 2025
•
کھیل
ڈیننگ اسپورٹس فیسٹول باسکٹ بال بوائز ایونٹ آئی بی اے نے جیت لیا، ڈائرکٹر عبدالقادر
03rd Feb 2025
•
سندھ
بیوروکریسی ہتھکنڈے حکومت کے عوامی ریلیف اقدامات کو سبوتاژکررہے ہیں شیخ امتیاز حسین
04th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: 26 سال اڳ سامونڊي طوفان ۾ گم ٿيل مهاڻڻ جي ڀارتي جيلن ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف
04th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
مسجدن، امام بارگاهن ۽ عوامي ميڙ جي چوڌاري صفائي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي: محمد يوسف
04th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
يو بي ايل ڏوڪري جي برانچ لاڙڪاڻي ريجن ۾ ٻين برانچن کي ڪارڪردگي ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو
04th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پوليو وائرس ھڪ موذي مرض آھي، والدين ٻارڙڻ کي ڦڙا لازمي پيئارين: ضياء الحسن لنجار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌو درياھ
قومي عوامي تحريڪ
نئون ڪوٽ
جھڏو
0 تبصرے