تربيت رڳو محبت ڪرڻ جو سليقو ناهي سيکاريندي پر نفرت ڪرڻ به طئه ڪندي آهي جنهن کي نفرت ڪرڻ جو سليقو نٿو اچي اهو محبت به نٿو ڪري سگهي (ڊاڪٽر عارفه صديقه)
اسان عام ماڻهو هر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سوائ پسئي جي ٻئي ڪنهن به ڳالھ ڏي ڌيان نه ڏيندا آهيون اسان جي زندگين م رويا اهڙا ته خطرناڪ ٿي پيا آهن جو اتي پيئسو ڪا اهميت نٿو رکي.
جيڪڏهن توهان جي کيسي م ڪروڙ روپيو به پيو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن. مجبوري تحت توهان ڪنهن پنهجي گهٽ پئسي واري مائٽ جي گهر ان جي مرضي کان سوا هليا ٿا وڃو ته ان مائٽ جو مزاج ئي بگڙجي ٿو وڃي اتي توهان جو پئسو ڪهڙي ڪم جو جيڪو توهان کي عزت ئي نٿو ڏئي سگهي جيستائين توهان اڳئين ماڻهو جي پنهجي ڪم پيا ايندا آهيو تيسن توهان جو وجود توهان جو پيئسو اهميت رکي پيو پر جڏهن هاڻي هن جو توهان م ڪو مطلب ئي نه رهيو آهي ائين توهان ان جي مٿان زوريءَ وڃي ويهي رهيا آهيو ته ان م ان جو رويو ڪهڙو به هجي ان جي شڪايت نه ڪرڻ گهرجي
اسان جو سڀ کان وڏو م وڏو مسئلو ئي اهو آهي ته اسان پاڻ کي گهٽ ٻين کي وڌيڪ قصوروار سمجهڻ جي غلطي ڪندا آهيون
ڪجھ ڏيهن اڳ مونکي تمام گهڻي حيرت ٿي جو هڪ مائي ڪينسر م گذاري وئي جنهن جي خواهش هئي ته مونکي پنهجي ڳوٺ جي قبرستان م دفنائجو پاڻ سجي زندگيءَ شهر م رهي پر آخري ڏينهن م ڳوٺ لاءِ ڏاڍو پئي تزپندي هئي آخر جڏهن دم ڌڻي حوالي ٿيو ته؛مٽن مائٽن انهي کي ڳوٽ جي قبرستان کڻي وڃڻ جو سوڇيو جتي ان جا باقي سڀ به دفن ٿيل مائ پئ ڀيڻ ڀاءُ خير هي پهريون ڀيرو هيو جتي ڳوٺ جي قبر کوٽائي جا نارمل کا وڌيڪ پئيسا ورتا ويا ائين ڳوٺ وارن جو خيال هيو ته سجي زندگيءَ شهر م گذارڻ کان پوءِ هاڻي ڳوٺ م ڇا جو ٿڌو ڪندو اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو جو ميت کي پورڻ کان پوءِ جا جيڪي ڪجهه ڪلاڪ ڳوٺ جي گهر م گهاريا سي انتهائي ڏکوئيندڙ لحما هيا آهي رويا آهي جملا نه وسرندڙ هيا
اتي مونکي احساس ٿيو ته هاڻي ڪنهن غريب جو مرڻ به ڪيڏو نه مهانگو ٿي پيو آهي معني هو ڪنهن به انسان تي يعقن نه نٿو ڪري سگهي ته مرڻ کان پوءِ ان جو ڪو ڪفن دفن به ڪندو مان ته سوڇيان ٿي ٻيو ڪجهه نه ڪجي پر پنهجي قبر م وڃن جي تياري به ماڻهو پاڻ ڪري وڃي اهو ئي ڀلو هوندو
اڳ ڪجهه سال پهرين اسان پنهجن ڳوٺن جو سوڇي خوشي م جهومي پوندا هيا سين پر هاڻي روئي ٿا پئون؛ نه اها محبت رهي آهي نه پنهنجائپ رهي آهي نه ڪو انتظار ڪندڙ ئي
ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
مون نفسيات جي حوالي سان هڪ ڪتاب م پڙهيو هيو ته انسان جيڪو ظاهري روپ هوندو ان جي مٿان ماسڪ چڙهيل هو اهي تڏهن هو هڪ وقت م ڪئي روپ اختيار ڪندو آهي جنهن سان اڳلو ماڻهو ان جي اندر جي سڇائي کي سڃاڻي نه سگهي ان ڪري هو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ هزارين ڪوڙ به ڳالهائيندو آهي جيئن هن جي شخصيت جو ڪونه سڇائپ نه ڪري سگهي هڪ طريقي سان سان هو پنهجي پاڻ کي به ڌوکي م رکيو ويٽو هوندو آهي
مولا علي عليه السلام جن فرمايو آهي ته
جيڪڏهن توهان مانهن جون نيتون انهن جي چهري تي ڏسي وٺو ته ڪڏهن به هڪٻئي جي ويجهو نه ٿي سگهندو اهو پردو رب پاڪ رکيو آهي
پر جن جي دلين م روهانيت اڇي ٿي وڃي آهي پنهجو پاڻ ماڻهن کان پري ٿيو وڃن جو زندگي م رب العالمين انهن جي اها اک کولي ٿو ڇڏي
اهو انسان نه ڪنهن کي ميار ڏيندو آهي نه تي الزام هنندو آهي بس پنهجي ئي الڳ دنيا آباد ڪريو ڇڏي ٿو
هاڻي اسان کي ڀٽائيءَ جي هن بيت تي پير کوڙي بيهي رهن گهرجي
0 تبصرے