English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: علمي ادبي فورم طرفان 9 فيبروري تي نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جي مان ۾ تقريب ٿيندي
views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
نظر انداز ٿيل قلم ڌڻين جي مڃتا لاء تقريبن جو سلسلو تسلسل سان جاري رکيو ويندو: باني علمي ادبي فورم ڪراچي
ڪراچي (رپورٽر)ناليواري شاعر ۽ علمي ادبي فورم ڪراچي جي باني صدر پروفيسر مشتاق مهر چيو آهي ته علمي ۽ ادبي تقريبن تي مخصوص ادبي لڏي جو قبضو آھي، جنهن ڪري ڪيترن ئي سينيئر قلم ڌڻين ۽ نوجوان اديبن کي اڳتي اچڻ جو موقعو نه ملي رهيو آھي ۽ ڄاڻي واڻي سندن رستاروڪ ڪئي پئي وڃي۔ ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ علمي ادبي فورم جي پندرنهن وار گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ رٿابندي سان ڪجهه ادبي لابيون پنهنجا نوازي ڪري رهيون آھن۔ جنهن جي نتيجي ۾ صدارت کان ويندي اسٽيج تي ويٺلن تائين چھرا هر تقريب ۾ اٽڪل ساڳيا هوندا آھن، اهو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي۔ هن چيو ته اسان اهي ناڪاري روايتون ٽوڙي نظرانداز ٿيل اديين، شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ فنڪارن کي اڳتي آڻڻ لاء علمي ادبي فورم ٺاهيو آھي، جنهن طرفان پهرين وک طور 9 فيبروري تي هڙان وڙان ٽيهارو کن ڪتاب ڇپرائيندڙ نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ کي مڃتا ڏيڻ لاء تقريب ڪوٺائي وئي آھي، جنهن ۾ هو پاڻ شرڪت ڪندو ۽ سندس ٻن ڪتابن جي مهورت به ڪئي ويندي۔ پروفيسر مشتاق مهر اعلان ڪيو ته نظر انداز ٿيل قلم ڌڻين جي مڃتا لاء تقريبن جو سلسلو تسلسل سان جاري رکيو ويندو۔ علمي ادبي فورم جي گڏجاڻي ۾ عبدالستار رستماڻي، وحيد محسن، علي نواز سيفي ، غلام رسول جاجڪاڻي، عبدالعزيز ابڙي،قاضي اعجاز، علي اصغر درس،جاويد مهر، عارف سونا، طارق مشتاق، محمد خان۔ عبدالصمد ۽ محمد طاهر رستماڻي شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Oct 2025
•
تازہ ترین
دھڑکی: چار سالہ معصوم بچی عالیہ ملک مبینہ زیادتی کا نشانہ، ملزم نے گھر کے باہر پھینک دیا
09th Oct 2025
•
دلچسپ اور عجیب
بارش کا پانی نکالنے کے لیے اسپائیڈر مین سڑک پر آ گیا
09th Oct 2025
•
تازہ ترین
معصوم بچی ہیر باگڑی کے قاتل کو پولیس مقابلے میں مارنے کا دعویٰ
09th Oct 2025
•
تازہ ترین
نیپرا نے کے الیکٹرک پر ڈھائی کروڑ روپے جرمانہ عائد کر دیا
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ فلسطيني عوام سان اظهار يڪجهتي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف ريلي
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ قلندري بيڪرز ۽ ڀٽو ٽريڊرس تي فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون ۾ استادن جي کوٽ،25 اسڪول بند، شاگردن جي تعليم تباهه
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ آل سنڌ سيڪريٽري يونين ڪائونسل ايمپلائيز يونين جو اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
علمي ادبي فورم
0 تبصرے