English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: علمي ادبي فورم طرفان 9 فيبروري تي نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جي مان ۾ تقريب ٿيندي
170 views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
نظر انداز ٿيل قلم ڌڻين جي مڃتا لاء تقريبن جو سلسلو تسلسل سان جاري رکيو ويندو: باني علمي ادبي فورم ڪراچي
ڪراچي (رپورٽر)ناليواري شاعر ۽ علمي ادبي فورم ڪراچي جي باني صدر پروفيسر مشتاق مهر چيو آهي ته علمي ۽ ادبي تقريبن تي مخصوص ادبي لڏي جو قبضو آھي، جنهن ڪري ڪيترن ئي سينيئر قلم ڌڻين ۽ نوجوان اديبن کي اڳتي اچڻ جو موقعو نه ملي رهيو آھي ۽ ڄاڻي واڻي سندن رستاروڪ ڪئي پئي وڃي۔ ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ علمي ادبي فورم جي پندرنهن وار گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ رٿابندي سان ڪجهه ادبي لابيون پنهنجا نوازي ڪري رهيون آھن۔ جنهن جي نتيجي ۾ صدارت کان ويندي اسٽيج تي ويٺلن تائين چھرا هر تقريب ۾ اٽڪل ساڳيا هوندا آھن، اهو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي۔ هن چيو ته اسان اهي ناڪاري روايتون ٽوڙي نظرانداز ٿيل اديين، شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ فنڪارن کي اڳتي آڻڻ لاء علمي ادبي فورم ٺاهيو آھي، جنهن طرفان پهرين وک طور 9 فيبروري تي هڙان وڙان ٽيهارو کن ڪتاب ڇپرائيندڙ نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ کي مڃتا ڏيڻ لاء تقريب ڪوٺائي وئي آھي، جنهن ۾ هو پاڻ شرڪت ڪندو ۽ سندس ٻن ڪتابن جي مهورت به ڪئي ويندي۔ پروفيسر مشتاق مهر اعلان ڪيو ته نظر انداز ٿيل قلم ڌڻين جي مڃتا لاء تقريبن جو سلسلو تسلسل سان جاري رکيو ويندو۔ علمي ادبي فورم جي گڏجاڻي ۾ عبدالستار رستماڻي، وحيد محسن، علي نواز سيفي ، غلام رسول جاجڪاڻي، عبدالعزيز ابڙي،قاضي اعجاز، علي اصغر درس،جاويد مهر، عارف سونا، طارق مشتاق، محمد خان۔ عبدالصمد ۽ محمد طاهر رستماڻي شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
علمي ادبي فورم
0 تبصرے