قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ستن ڏينهن وارو پيادل مارچ شروع

6ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بيابان بڻجي ويندي، ماڻھن جي پيئڻ ۽ غسل لاءِ به پاڻي نه ملندو، سکر کان ھيٺ درياھ ۾ واري اڏامندي: مظهر راهوجو ۽ ٻيا

قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ستن ڏينهن وارو پيادل مارچ شروع

نئون ڪوٽ (رپورٽر) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو نئون ڪوٽ جي علائقي نفيس ننگر کان ميرپورخاص تائين ستن ڏينهن جو شارٽ پيادل مارچ شروع ٿي ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، نثار ڀرڳڙي، الطاف ڀرڳڙي، حيدر ڀٽي، ارباب نوحاڻي، مقصود ڀرڳڙي ۽ ٻيا ڪري رھيا آھن. مارچ جو وک وک تي مختلف ھنڌن تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. درياھ تي ڌاڙي خلاف پيادل مارچ 7 ڏينھن جاري رھندو، جھڏو، ٽنڊو جان محمد، ڊگھڙي، ميرواھ گورچاڻي، مکڻ سمون کان ٿيندو 9 فيبروري تي ميرپورخاص پريس ڪلب پھچندو، جتي قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو، ھاري، آبادگار ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ خطاب ڪندا. پيادل مارچ شام فضل ڀنڀرو پھچندو جتي رات رھڻ بعد ٻئي ڏينھن تي گلن واري موري کان روانو ٿي نئون ڪوٽ روشن آباد پھچندو. پيادل مارچ کي مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. 6 ڪئنال ايٽم بم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھن. ھي 7 ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي جا حڪمران ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ھجڻ ڪري ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار ۽ حصيدار آھن. مظھر راھوجي چيو تہ 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بيابان بنجي ويندي. ماڻھن جي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. سکر کان ھيٺ درياھ ۾ واري اڏامندي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن خاطر درياھ لاءِ جدوجھد ۾ شامل ٿين. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي صدر شوڪت نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ڪينال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نہ لٿو تہ پوءِ سنڌي جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيندو، سنڌ ۾ آئي ايم ايف جي چوڻ تي زراعت ۽ مال تي ٽيڪس لڳائڻ کي رد ڪريون ٿا. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ھيٺ ھلي وئي آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو بدحالي جو شڪار آھن. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ ۾ پنهنجي بادشاھت قائم ڪيو ويٺي آھي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ اسان جي 60 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڀڙڀانگ ٿي ويندي. سنڌو درياھ تي حملي خلاف سنڌ جو عوام ڪڏهن بہ خاموش نہ ويھندو. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهو مزاحمت ڪندا سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿي چڪا آھن. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي رستن تي آھن. جيڪو فصل ٿئي ٿو ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. سنڌ جا ماڻھو درياھ لاءِ اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏين. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ انور نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران ٻڌائين ته سنڌ کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي. سنڌ جي تعليم، امن، گورننس، صحت، روينيو سميت سمورن ادارن کي ڪرپٽ ۽ کوکلو بنايو ويو آھي. ھاڻ جيڪڏھن ڪئنال ٺھيا تہ سنڌي ماڻھو تاريخي تباھي جو شڪار ٿي ويندا. پاڻي نہ ملندو تہ زراعت ختم ٿي ويندي. بيروزگاري ۽ بدحالي جي ڪري ماڻھو اڳ ۾ ئي خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اسين ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙو برداشت نہ ڪنداسين ۽ ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مجيد ٻگھيو خطاب ڪندي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ بي زمين ھاري خاندانن کي گھٽ ۾ گھٽ 50/50 ايڪڙ زمين ڏني وڃي. سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جا ملڪ لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان ڪري سنڌ خلاف سازشون ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي. سنڌو درياءَ مان ڪئنال نڪتا تہ سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. جر مڪمل زھريلو ٿي ويندو. پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ڀڙڀانگ نه ڪيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا پاڻي کوٽ سبب مري رھيا آھن. سي سي آء، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نہ ھجڻ برابر آھي. جڏھن ته نثار ڀرڳڙي، ارباب نوحاڻي، راجيش ڪمار، حيدر ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.