ڪراچي جي سهراب ڳوٺ مان هندو نينگري جي اغوا بعد زبردستي مذهب مٽرائڻ جو انڪشاف

14ورهين جي صنم ڌيءَ گل خان کي بااثر محمد ياسين ڀٽي گهر مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو: وارث

ڪراچي جي سهراب ڳوٺ مان هندو نينگري جي اغوا بعد زبردستي مذهب مٽرائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) هندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽائي نڪاح ڪرائڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو. ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ٽائون جي علائقي نور خان ڳوٺ ھندو محلا مان نابالغ هندو ناري 14 ورهين جي صنم ڌي گل خان کي سندس گهر مان محمد ياسين ڀٽي راجپوت هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي زبدست اغوا ڪري ويا. واقعي جي ايف آئي آر سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي سندس امڙ تي تشدد ڪري بيحال ڪيو ويو جنهن جو اڃا تائين اسپتال مان علاج هلندڙ آهي ان حوالي سان ناري جي وارثن گڊو راڻي. امر لال. رخسانا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 22 جنوري تي هندو ناري صنم ڌي گل خان جنهن جي عمر اڃا 14 سال آهي نور خان ۾ رھندڙ محمد یاسین ڀٽي نالي شخص پنهنجي هٿياربند ماڻهن سان گھر تي حملو ڪري عورتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي صنم کي اغوا ڪري ويا بعد ۾ زبردستي مذهب مٽائي مسلمان ڪري نابالغ ڇوڪري سان نڪاح ڪيو آھي. جنهن خلاف اسان سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ايف آئي آر به داخل ڪرائي آهي پر هن مهل تائين پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي ناري جي امڙ جي طبيعت خراب آهي سندس والد دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي. اسان جي نياڻي کي ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس. ھندو ڪميونٽي جي صوبائي وزيرن. مشيرن آء جي سنڌ. ڊي آء جي ايسٽ ايس ايس پر ايسٽ کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ناري بازياب ڪرائي اسان کي انصاف سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي