English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ آبادگار فورم پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
21st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هي صرف پاڻي جو نه پر سنڌ جي وجود جو مسئلو آهي: اڳواڻ
نڊوآدم (رپورٽر) ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ آبادگار فورم پاران سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي ڌرڻو، آبادگارن، هارين، سياسي سماجي اڳواڻن، عورتن ، ٻارن سميت عوام جي ڀرپور شرڪت، سنڌ پاڪ آبادگار فورم پاران سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف لطيف گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو آھي ڌرڻي ۾ آبادگارن، هاري، عورتن، ٻارن سميت سياسي سماجي اڳواڻ، قلم ڌڻي ۽ عوام وڏي انگ ۾ شريڪ آھن۔ ڌرڻي ۾ سنڌ پاڪ آبادگار فورم جو سربراھ شاهجهان جوڻيجو، حاجي موسي ساند، عقيل ماڪوڙاڻي، بار اڳواڻ الطاف جوڻيجو، عبدالله خٽڪ، جي ڊي اي اڳواڻ فقير محمد بخش خاصخيلي، رئيس حبيب خان مري، عوامي تحريڪ اڳواڻ لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد لغاري، مريم انڙ، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، صحافي نعمت کهڙو، ايس يو پي اڳواڻ باغي مجاهد ٿهيم، اديب گل حسن لاکو سميت قلم ڌڻي، وڪيل شريڪ مقرر ڳالهائيندي چيو ته پ پ وفاقي حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياء مان 6 ڪئنالن جي سمري منظور ڪئي آهي جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، سنڌو درياء جو پاڻي جياپي جو مسئلو آھي۔ پ پ سنڌ سان غداري ڪئي آھي۔ پنجاب لکين ايڪڙ زمين آباد ڪندا۔ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا کي رد ڪريون ٿا۔ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سان وڏي زيادتي آهن۔ پ پ جا چونڊيل نمائندا ميڊيا آڏو ڪوڙا بيان ڏئي رهيا آهن پ پ اقتدار خاطر سنڌ جو وجود داء تي لڳائي ڇڏيو آهي سنڌ جو پاڻي جياپو آهي پ پ اڃان تائين سنڌ اسيمبلي، سينيٽ ۽ اسيمبلي ۾ 6 ڪئنالن خلاف قرارداد نه آندي آهي اسان سنڌودرياء مان 6 ڪئنالن جي سخت مزاحمت ڪنداسين هنن گهر ڪئي ته سنڌودرياء مان 6 ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌو درياءَ
ٽنڊوآدم
سنڌ پاڪ آبادگار فورم
0 تبصرے