عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي

ڪارروائي دوران 4 ڄڻا گرفتار، 10 لک رپيا بل وصول ڪيا ويا

عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) وفاقي حڪومت ۽ توانائي واري وفاقي وزير جي حڪم تي سپريڊنٽ انجنيئر حيسڪو امير احمد ميمڻ، پاڪستان رينجرز جي ميجر مشتاق، ايگزيڪيٽيو انجنئير حيسڪو امتياز احمد ميڻ ۽ ٻين واپڊا عملدارن رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي عمرڪوٽ شھر جي مختلف علائقن قائمخاني پاڙو، خاصخيلي، پاڙو، افغان پاڙو، گوليمار گرائونڊ سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي چوري ۽ بلن جي بقايا جي وصولي لاء ڪاروايون ڪري بجلي چوري ۽ بلن جي ادائگي نه ڪندڙ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيا ويا آھن انھي کان علاوه بقايا جي وصولي لاء ھڪ ڏينھن ۾ 10 لک رپيا بلن جي بقايا وصول ڪئي ويئي آھي ان ڏس ۾ صحافين سان ڳالھائيندي واپڊا انتظاميه چيو آھي ته بجلي جي چوري ڪندڙن ۽ بقايا رھيل بلن جي وصولي لاء ڪاروايون جاري رھنديون ھنن چيو ته قائمخاني پاڙو، خاصخيلي پاڙو، گوليمار گرائونڊ، عائشه مارڪيٽ سميت ٻين علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ غيرقانوني ۽ بقايا جات جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا آھن جڏھن ته 10 لک رپين کان وڌيڪ وصولي ڪئي ويئي آھي ۽ گرفتار 4 ڄڻن طرفان بروقت بل جي ادائگي ڪرڻ تي آزاد ڪيو ويو آھي