ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ صاحب خان ملاڻو جي ڳوٺاڻن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽائر ساڙي احتجاج

سول لائين پوليس ڳري رشوت وٺي شھزاد علي ۽ محمد علي خلاف اغوا جي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪئي آھي: مظاهرين

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ صاحب خان ملاڻو جي ڳوٺاڻن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽائر ساڙي احتجاج

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ صاحب خان ملاڻو جي ڳوٺاڻن جو ڪوڙي ايف آء آر داخل ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي سول لائين پوليس خلاف غلام حيدر ملاڻو احمد علي سنڌي ملاڻو،سوجلو ملاڻو، علي نواز ملاڻو،غلام حسين ملاڻو ۽ بشير ملاڻو جي اڳواڻي ۾ وهڻي چونڪ بند ڪري ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته سول لائين پوليس ڳري رشوت وٺي منهنجي پٽ شھزاد علي ۽ ڀاء محمد علي مٿان بااثر جي چرچ تي اغوا جي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪئي آھي هنن چيو ته اسان جي پنهنجي برادري جو پاڻ ۾ سنڱاوتي مسئلو هلندڙ آھي جنهن ڪري لاڙڪاڻي سرڪٽ ھائوس ۾ رهندڙ بااثر عبدالمجيد ملاڻو پنهنجي شادي شده ڌي 3 ٻارڙن جي ماء ريحانه ملاڻو ۽ سندس 5 سالن جي پٽ کي گم ڪري اسان مٿان سول لائين ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي, هنن چيو ته اسان بيگناه آھيون اغوا ٿيل عورت سندس پٽ سميت پنهنجي والد وٽ رهي ٿي،کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو,اسان مٿان ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي اسان کي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي.هنن,هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.