ملير: ابراهيم حيدري ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

ايش ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ڪيمپ ۾ 100 کان وڌيڪ مريضن کي تپاسي سندن علاج ڪيو ويو

ملير: ابراهيم حيدري ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايش ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان ابراهيم حيدري ۾ ھڪ ڏينهن جي فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن 100 کان مٿي عورتن ۽ ٻارڙن جو چيڪپ ڪري دوائون پڻ ڏنيون ويون،تفصيل موجب ملير جي علائقي ابراهيم حيدري جي عباسي پاڙي ۾ سماجي تنظيم ايش ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان ھڪ ڏينهن لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سوين علائقي واسين مردن ٻارن توڙي عورتن جو فري چيڪپ ڪري دوائون ڏنيون، ان موقعي ايش ويلفيئر چيئرمين ڊاڪٽر عمران خان ڳالهائيندي چيو اسان ملير جي مختلف علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي غريب شهرين کي دوائون ۽ فري ميڊيڪل چيڪپ ڪندا آھيون، جيڪو انسانيت لاءِ اسان جو فرض آھي،ان موقعي تي ڊاڪٽر علي نواز گبول، ڊاڪٽر مسعود، ڊاڪٽر غلام شبير، ڊاڪٽر عظما هاشمي، ڊاڪٽر نگت نور، ڊاڪٽر افشين، ڊاڪٽر شاهين، حصو ورتو، ۽ علائقي جي معزز غلام محمد عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙيون ڪيمپون لڳائڻ ھڪ بھترين ڪم آهي ڇو ته وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهانگائي جي دور ۾ غريب ماڻهن کي فائدو ملي ٿو، ان موقعي تي اياز عباسي، عزيز عباسي، رياض شولاڻي ۽ علائقي واسين پڻ موجود هئا،