English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٽياري ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي آل پارٽيز ڪانفرنس، سنڌ دشمن سمورا منصوبا رد
views
|
29th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سياسي سماجي مذهبي قومپرست جماعتن جي اڳواڻن، اديبن سگهڙن ڇهه ڪئنال ۽ سنڌ جي زمين تي قبضي کي رد ڪري ڇڏيو
مٽياري (رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت، سياسي، قومپرست، مذھبي جماعتن سميت اديبن، سگھڙن 6 ڪئنال منصوبن کي رد ڪري بي زمين ھارياڻين ۽ ھارين کي 50/50 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي. مٽياري ۾ زين سي اين جي جي ھال ۾ ٿيل اي پي سي ۾ جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، فنڪشنل ليگ، ايس ٽي پي، جسقم، پي پي شهيد ڀٽو، وڪيلن، سنڌي ادبي سنگت، اديب، سگھڙن ۽ صحافين سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اي پي سي کي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ هڪ سازش تحت سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي پنجاب حوالي ڪيو پيو وڃي، سانگھڙ سانحو پيپلز پارٽي جي بدترين حڪمراني جو مثال آھي. 17 سالن جي پ پ حڪومت سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڌرتي ڌڻين جا ڳوٺ ڊاھي ۽ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ غير قانوني پرڏيھين کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي. 91 ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ڌاڙيلن کي حڪمرانن جي سرپرستي آھي. سنڌياڻي تحريڪ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويهندي. اي پي سيز سان گڏ ريليون ۽ بک هڙتالون ڪيون وينديون. ھي جياپي جي جنگ آھي. سنڌ ۾ رھندڙ سموريون ٻوليون ڳالھائيندڙ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف ميدان عمل ۾ اچن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي. سنڌ جا ماڻھو ساھ جي آخري ھڏڪي تائين درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏيندا. 6 ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ پ پ حڪومت وٽ عوام لاءِ ڪجھ ناھي. سانگھڙ ۾ مين 3 ماڻھو قتل ڪري انھن جو ڪيس بہ داخل نٿو ڪيو وڃي. پ پ جو مقصد صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. 7 ڪروڙ سنڌي پنھنجي درياھ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي آھن. وفاقي حڪومت سنڌي ماڻھن جي احتجاج کي نظرانداز نہ ڪري. فنڪشنل ليگ جي پير عبدالوھاب سرھندي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌي ماڻھو ھاڻ سمجھي ويا آھن ته پيپلز پارٽي حڪومت وٽ ڪرپشن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجھ ناھي. سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف ناھي. سنڌياڻي تحريڪ کي جس ھجي ڪئنالن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪري رھي آھي. قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي مٽياري جي صدر ماجد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي عوام کي کٽڻ لاءِ مٽياري ۾ غير قانوني ٽول پلازه ٺاھيو پيو وڃي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ اسان جي زندگي آھي. پنجاب سنڌو درياھ تي قاتلانه حملو ڪيو آھي. 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ جا ماڻھو پاڻي ڦڙي لاء سڪي ويندا. تاج محمد درس خطاب ڪندي چيو تہ ڪئنال سنڌ تي حملو آھي. ڪڏھن زمينن تي قبضو تہ ڪڏھن وسيلن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا، سنڌ جي حقن لاء سڀني کي گڏجي جدوجھد کي تيز ڪرڻ گھرجي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي. سنڌ جي ماڻھن جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ نه ڏنو ائين ڪئنال بہ ٺھڻ نہ ڏينداسين. ايس ٽي پي جي اڳواڻ حاجي موسي لڙڪ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو بيدار ٿي رھيا آھن. سنڌ سان ھر دور ۾ ناجائزون ڪيون ويون آھن. پنجاب ھميشه سنڌو درياھ تي حملي آور ٿيو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ بختاور چنڊ خطاب چيو تہ سنڌ جي جدوجھد ۾ عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪاميابي نہ ملي آھي. 91 واري ٺاھ تحت سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي. تيل، گئس، ڪوئلي سميت سمورا وسيلا ھڙپ ڪيا پيا وڃن. ڪئنالن سميت ڪو بہ ڊئم برداشت نہ ڪيو ويندو. سماجي اڳواڻ رحمت الله ترڪ خطاب ڪندي چيو تہ ڪئنال منصوبو دراصل بليڪ سنڌ منصوبو آھي. پنجاب جي ھڪ ڪروڙ زمين آباد ڪئي ويندي. چولستان ۽ ٿر جي بيابان کي آباد ڪيو ويندو. سنڌ جو پاڻي چوري ٿيندو ۽ سنڌ غير آباد ٿي ويندي. سنڌي ماڻھن جي احتجاج کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.سنڌي ادبي سنگت جي بشير کتري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جا اديب سنڌو درياھ ۽ پنھنجي وسيلن لاءِ ھڪ آواز آھن ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪن ٿا. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ ٻين وسيلن لاءِ گڏ آھن. سنڌ جون نياڻيون قومي حقن ۽ جياپي جي جنگ ۾ پنھنجي ڀائرن سان گڏ آھن. جي يو آئي جي اڳواڻ خطاب ڪندي حاجي سارنگ منگواڻو چيو تہ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ، ڊيم يا ڪئنال ٺاھڻ غير شرعي منصوبا آھن. اسين انھن منصوبن جي مخالفت ڪريون ٿا. ڪڏھن بہ غير شرعي ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻ جاگير حسين ملاح خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جا وسيلا وڪڻڻ ۽ سنڌو درياھ جي سودي ڪرڻ جو ھن کي ڪو بہ اختيار ناھين سنڌياڻي تحريڪ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌو درياء تي ٺهندڙ 6 نوان ڪئنال سنڌ دشمن، ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن آهن چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. سنڌ ۾ بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي 50-50 ايڪڙ زمين ڏئي مفت زرعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي۔ سٺي ساک رکندڙ عالمي ادارن کان گذريل ڏيڍ صدي کان مسلسل سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ چوري ٿيل پاڻي جي منصفاڻي تحقيقات ڪرائي سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. .91 ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ڪري تمر جا ٻيلا ۽ ڊيلٽا کي بچايو وڃي.چشما جھلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واھ بند ڪري سنڌو درياھ مان پاڻي چوري بند ڪئي وڃي. ارسا ايڪٽ 1992 ۾ صدارتي آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم 1973 واري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين خلاف ورزي آهي. پاڻي سان لاڳاپيل معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اسم آهن، انهي معاملي تي ايڪنڪ يا ڪنھن بہ ٻئي فورم ۾ ڪيل فيصلا 1973 واري آئين جي لتاڙ آهن. اهڙا غير آئيني فيصلا ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪري سنگين غداري جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير آئيني ترميم فوري طور واپس ورتي وڃي. ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ کائي ويو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، مڇي ماري روزگار ڪندڙ لکين ملاح، سامونڊ پٽي جا رهواسي، ھاري، هارياڻيون ۽ آبادگار پنهنجي گهرن کان محروم ٿي ويا آهي، سندن روزگار تباھ ٿي ويا آهن. انهن سمورن متاثرن کي معاوضو ڏنو وڃي، بي گهر ماڻهن کي گهر ڏنا وڃن ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي جو مقدار ڇڏيو وڃي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني کي ڏيڻ وارو فيصلو فوري واپس ورتو وڃي ۽ زمينون مقامي هارياڻين ۽ هارين کي ڏني وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڄوڪي اي پي سي مطالبو ٿي ڪري تہ وفاقي سرڪار سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري، سنڌ جا وسيلا سنڌي قوم جي ملڪيت آهن وفاق جي ملڪيت ناهن۔ سنڌياڻي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سانگهڙ چوٽياريون ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ سرعام سڌيون ڳوليون هلائي 3 ماڻهو قتل ۽ عورتن، ٻارن سميت درجنين ماڻهو زخمي ڪندڙ قاتلن ۽ سهولتڪارن تي فورن دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي۔ سنڌ سرڪار اغوا انڊسٽري ۽ قبائلي جرڳن کي هٿي ڏئي اتر سنڌ جي سمورن ضلعن کي ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لاڙ جي ضلعن ۾ بدامني لاقانونيت جو راڄ آھي، سنڌ جي پرامن شھرين اقليتن کي پنهنجي پاليل ڌاڙيلن ھٿان يرغمال بنايو ويو آھي، منشيات فروش ضلعي جي انتظاميه ۽ بااثر حُڪمران ڌُر جي نگراني ۾ سرعام منشيات جو ڪُڌو ڪاروبار ڪري رھيا آھن. لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعن ۾ سردارن، سنڌ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن جي سھولتڪاري ڪندڙ سردارن ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڌاڙيلن کي نيٽو جا اسمگل ٿيل جديد هٿيار ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي ججن تي مشتمل ڪميشن وسيلي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزائون ڏئي ڏوھارين جو خاتمو آڻي امن بحال ڪيو وڃي. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري لٽيل پئسو واپس ڪيو وڃي. پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائي، اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ انهن جي سرپرست سرڪاري سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرالله گڏاڻي سميت سمورن صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي۔ سنڌ ۾ عورتن مٿان قيامت برپا ڪئي وئي آهي. ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، بدي جي شادي، ننڍي عمر جي شادي، ھراسمينٽ، بليڪ ميلنگ، زوري شادي، نياڻين مٿان تشدد جهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي. عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي ڪميٽيون ٺاهي، انھن ۾ علائقائي عورتن کي نمائندگي ڏني وڃي. وومين پروٽيڪشن سيل ۽ اينٽي ھراسمينٽ سيل ناڪاره بڻيل آهن. اهڙن ادارن کي فعال بڻائي انهن ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سنڌ جي تھذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪري کين تباھ ڪيو پيو وڃي، ڪارونجھر، گورک، کير ٿر، اروڙ، گنجي ٽڪر، ڪينجھر، منڇر، ھاليجي، نيشنل پارڪ، ڀنڀور، موئن جو دڙو، مومل جي ماڙي سميت سمورن تاريخي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، تاريخي ماڳ ميساري سنڌ جي ثقافت تي حملو ڪيو ويو آهي، اڄوڪي ھن اي پي سي ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته سنڌ جي تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثن کي بچائڻ لاء خاص اپاءُ وٺي قبضا ختم ڪرايا وڃن. سنڌياڻي تحريڪ وچن ٿي ڪري ته سنڌ ۽ سنڌو درياء جي تحفظ لاء پنهنجي قائد محترم اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين سڀني سنڌ دوست، قومپرست، پروگريسو ۽ عوام دوست پارٽين سان گڏجي ماضي جيان ڀرپور جدوجهد ۽ اثرائيتو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ سنڌ، عوام ۽ درياء جي دشمن کي شڪست فاش ڏيندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jan 2025
•
سندھ
حکومت سندھ صوبہ میں150سے زائد ڈے کیئر سینٹر ز بنانے جارہی ہے،شاہینہ شیر علی
29th Jan 2025
•
تازہ ترین
چوٹياریوں کے قریب مسلح افراد کی فائرنگ سے قتل هونے والے تین افراد کے ورثاء کا سانگھڑ میں دهرنا جاری
29th Jan 2025
•
تازہ ترین
صدر آصف علی زرداری نے پيکا ایکٹ ترمیمی بل پر دستخط کر دیئے
28th Jan 2025
•
پاکستان
ڈائریکٹر انفارمیشن راولپنڈی ڈویژن تابندہ سلیم کی کتاب" لفظ بولتے ہیں" کی تقریب رونمائی
30th Jan 2025
•
سندھ
حکومت سندھ صوبہ میں150سے زائد ڈے کیئر سینٹر ز بنانے جارہی ہے،شاہینہ شیر علی
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: پاپولر گروپ آف انڊسٽري جي ذيلي اداري پاپولر فيبريڪس پاران ڪلفٽن ٽيپ بال پريميئر ليگ ٽيم پاران ٻيون ڀيرو ٽوربامنٽ کٽڻ جي خوشي ۾ تقريب
29th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
هي رڳو 3 انسانن جا لاش ناھن بلڪہ ۾ ھڪڙو جنازو قانون جو، ٻيو انصاف جو ۽ ٽيون انسانيت جو جنازو پيل آھي: اياز لطيف پليجو
29th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو ٻاٻڙا ۾ کير جي واڙي مان نوجوان مزدور جو ڦاهو لڳل لاش هٿ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مٽياري
سنڌياڻي تحريڪ
آل پارٽيز ڪانفرنس
APC
0 تبصرے