پوليس اسان جي گهرن تي روز جي بنياد تي چڙهايو ڪري اسان جي نياڻين جي تذليل ڪري ٿي: مقرر
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز ويجهو ڳوٺ حبل خان پنجابي ۾ چانڊيا برادري جو پوليس جي ناجائزين خلاف ڪٽ ڪوٺايو ويو ۔ خبر موجب ڳوٺ حبل خان پنجابي ۾ پوليس طرفان حاف فرائي ٿيل نوجوان اسد چانڊيو جي معاملي تي ريس ڀنگل خان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪٽ ان ۾ موقعي تي سعد خان چانڊيو علي گل خاصخيلي روشن چانڊيو جعفر چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اسان جي گهرن تي روز جي بنياد تي چڙهايو ڪري اسان جي نياڻين جي تذليل ڪري ٿي ۽ بناجواز اسان جي نوجوانن تي ڪيس داخل ڪري هاف فرائي ڪيو وڃي ٿو يان وري ايس ايس پي نوشهروفيروز ايس ايچ او منعيم لاڙڪ رشوت ڏيڻ جو چون ٿا هنن چيو ته اسان غريب مزدور آهيون جيڪڏهن اسان جي ڪنهن نوجوان مٿان ڪو ڪيس آ ته اسان کي پوليس اطلاع ڪري اسان ان نوجوان کي پوليس وٽ پيش ڪنداسين باقي هي گنڊا گردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آ جي سنڌ ايس ايس پي سنڌ کي اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان مٿان داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔ ٻئي پاسي نوشهروفيروز پوليس پنهنجو موقف ٻڌايو ته اسد چانڊيو هڪ عادي ڏوهاري آهي جيڪو پوليس کي ڪيترن ۽ ڪئسن ۾ گهربل هئيو ڏوهاري ڀلي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي هو پوليس جي گرفت کان بچي نه سگهندو ۔
0 تبصرے