شڪارپور ۾ ڊسپينسر عبدالحق معرفاڻي جو بااثر خلاف احتجاج

شڪارپور ۾ ڊسپينسر عبدالحق معرفاڻي جو بااثر خلاف احتجاج

شڪارپور( رپورٽر) شڪارپور شھر جي ڪنڀر محلا جي رھواسي ڊسپينسر عبدالحق معرفاڻي پريس ڪلب پھچي قاري عبدالباقي لنڊ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي ھن الزام ھڻندي چيو تہ ڪجھ ٽائيم پھريان قاري عبدالباقي لنڊ سان منھنجي دوستي ھئي, ھن مونکي مجبوري ڏيکاري تہ مونکي پيسئن جي ضرورت آھي ۽ مونسان ڪجھ پيسئن جي مدد ڪر مان پاڻ مسڪين ماڻھو ھيس ھن کي پنھنجي موٽرسائيڪل ڏني جيڪا ھن شورو تان رقم ڪرائي جنھن جي رقم 1 لک 30 ھزار روپيہ رقم شورو تي تئي ٿي جنھن جو ھن مونسان اسٽامپ پيپر بہ ڪيو آھي, ھن جي ھٿ اکرن جي لکت بہ ٿيل آھي, تہ ھڪ سال ۾ رقم ادا ڪندس ھاڻي جڏھن ھن سان پيسئن جو انجام ٿيو تہ مونکي رڳو آسرا ڏيندو رھيو ۽ آخر ۾ پيئسن کان جواب ڏيئي ويو, جنھن جي دانھن مون جميعت علماء السلام جي امير مولانا عبداللہ مھر, مولوي طيب ميکو سميت جميعت جي ٻين دوستن کي ھن جي دانھن ڏني پر ان باوجود بہ مونسان ھن منھن نہ ڏنو ۽ آخر ۾ منھنجي خلاف شڪارپور جي سيشن ڪورٽ ۾ حراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪرايو مان ڪورٽ سڳوري ۾ سمورن سبوتن سان پيش ٿيس ڪورٽ سڳوري منھنجي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ قاري عبدالباقي لنڊ کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو ھن ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ سميت وس وارن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي خدارا منھنجي مدد ڪئي وڃي ۽ قاري عبدالباقي لنڊ کان پيسئہ واپس ڪرائي ڏنا وڃن.ھوڏانھن ٻي طرف الزام ھيٺ آيل قاري عبدالباقي لنڊ کان موقف لاء رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر کيس رابطو نہ ٿي سگھيو.