اسٽيل ٽائون پوليس جوابدار سونو لاشاري کي گرفتار ڪري مقتول جي موبائيل فون هٿ ڪري ورتي
ملير (رپورٽر) گهگهر ۾ ڦر تي مزاحمت دوران قتل نوجوان عارف اتيرو جي قتل ۾ گهربل جوابدار سونو لاشاري گرفتار،جوابدار وٽان مقتول جو موبائيل فون هٿ، وڌيڪ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن اسٽيل ٽائون جاچ پوليس تفصيل موجب گهگهر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل نوجوان عارف اتيرو جي قتل ۾ گهربل جوابدار سونو لاشاري گرفتار ڪري جوابدار وٽان مقتول جو موبائيل فون هٿ ڪريو ويو آهي اسٽيل ٽائون پوليس موجب وڌيڪ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پوليس جو چوڻ هوته گرفتار جوابدار مک قاتلن جو سهولتڪار آهي وارثن مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جو نوجوان 18 ڏينهن اڳ گهگهر ڦاٽڪ ڦر مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو فوري طور مک جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي
0 تبصرے