English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري: حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول جو ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائيٽون چوري
views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل چور هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي لڳل 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر ۽ 10 سرچ لائيٽون چوري ڪري فرار
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري شھر بدامنيءَ جي ور چڙھي ويو، چوريون ۽ ٻيا ڏوھ روز جو معمول بڻجي ويا، جڏھن تہ سرڪاري ادارا پڻ ڏوھارين کان محفوظ نه رھي سگھيا، گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان بجليءَ جو ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائيٽون چوري ٿي ويو.تفصيل موجب گذريل رات اڻڄاتل چور گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي گرائونڊ تي لڳل 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر ۽ 10 سرچ لائيٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ھيڊماستر نثار احمد سولنگيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي واقعي بابت ڄاڻ ڏني ۽ وڌيڪ ٻڌايو تہ فوري طور تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ڪا خاطر خواھ اڳڀرائي ناهي ڪئي. ھن جو چوڻ هو تہ ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول مان اڳ به پاڻيءَ جي موٽرن سميت ڪيتريون ئي چوريون ٿي چڪيون آهن پر انهن جي واپسيءَ لاءِ پوليس ڪو به ڪردار ادا ناھي ڪيو. ٻئي طرف استادن، ساڃاھ وندن ۽ ڏوڪريءَ جي شھرين دانھيو آهي تہ ڪافي عرصي کان ڏوڪري شھر ڏوھارين جو آماجگاہ بڻجي ويو آهي ۽ روزانو چوريون توڙي ٻيا ڏوھ معمول بڻجي ويا آهن. ھنن ايم اين اي، ايم پي اي، ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايس پي ڏوڪريءَ کي اپيل ڪئي تہ ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شھر کي پُر امن بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. ۽ جلد کان جلد ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول مان چوري ٿيل ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائيٽون واپس ڪرايون وڃن. ان حوالي سان گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي اڳواڻن چتاءُ پڻ ڏنو آهي تہ جيڪڏهن چوري ٿيل ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائٽون فوري طور تي واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدر بخش جتوئي
ڏوڪري
0 تبصرے