English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري: حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول جو ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائيٽون چوري
155 views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل چور هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي لڳل 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر ۽ 10 سرچ لائيٽون چوري ڪري فرار
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري شھر بدامنيءَ جي ور چڙھي ويو، چوريون ۽ ٻيا ڏوھ روز جو معمول بڻجي ويا، جڏھن تہ سرڪاري ادارا پڻ ڏوھارين کان محفوظ نه رھي سگھيا، گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان بجليءَ جو ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائيٽون چوري ٿي ويو.تفصيل موجب گذريل رات اڻڄاتل چور گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي گرائونڊ تي لڳل 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر ۽ 10 سرچ لائيٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ھيڊماستر نثار احمد سولنگيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي واقعي بابت ڄاڻ ڏني ۽ وڌيڪ ٻڌايو تہ فوري طور تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ڪا خاطر خواھ اڳڀرائي ناهي ڪئي. ھن جو چوڻ هو تہ ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول مان اڳ به پاڻيءَ جي موٽرن سميت ڪيتريون ئي چوريون ٿي چڪيون آهن پر انهن جي واپسيءَ لاءِ پوليس ڪو به ڪردار ادا ناھي ڪيو. ٻئي طرف استادن، ساڃاھ وندن ۽ ڏوڪريءَ جي شھرين دانھيو آهي تہ ڪافي عرصي کان ڏوڪري شھر ڏوھارين جو آماجگاہ بڻجي ويو آهي ۽ روزانو چوريون توڙي ٻيا ڏوھ معمول بڻجي ويا آهن. ھنن ايم اين اي، ايم پي اي، ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايس پي ڏوڪريءَ کي اپيل ڪئي تہ ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شھر کي پُر امن بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. ۽ جلد کان جلد ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول مان چوري ٿيل ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائيٽون واپس ڪرايون وڃن. ان حوالي سان گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي اڳواڻن چتاءُ پڻ ڏنو آهي تہ جيڪڏهن چوري ٿيل ٽرانسفارمر ۽ سرچ لائٽون فوري طور تي واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدر بخش جتوئي
ڏوڪري
0 تبصرے