English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت ملير پاران سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي سالگرھ تقريب
225 views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سالگرهه تقريب دوران مشاعرو به منعقد، سياسي سماجي صحافتي شخصيتن جي شرڪت، استاد بخاري کي ڀيٽا پيش
ملير (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت ملير پاران سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي سالگرھ تقريب، مشاعرو، سياسي سماجي صحافتي شخصيتن جي شرڪت، زبردست ڀيٽا،استاد بخاري پنھنجي شاعري زريعي نه صرف سنڌ جي ماڻھن جي دردن جي ترجماني ڪئي پر انقلابي شاعري وسيلي قومي سجاڳي پڻ پيدا ڪئي، نوجوانن کي سندس شاعري مان لاڀ حاصل ڪرڻ گھرجي اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب، سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي 95 ھين سالگرھ تقريب سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ملير جي سياسي سماجي صحافتي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت جنھن ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي س ا س ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير، مجيب بگٽي، سامي ميمڻ، اصغر مهرائي، اشفاق چنڙ، اصغر باغي، رستم لڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ استاد بخاري جي شاعري ۾ سنڌ جي ماڻھن جو درد بيان ٿيل آھي ۽ استاد بخاري شاعري وسيلي سنڌ جي ماڻھن جي حقيقي دردن، اھنجن جي ترجماني ڪندي قومي سجاڳي پيدا ڪئي آھي استاد بخاري جي شاعري جي سٽ سٽ سرهي ۽ لفظ لفظ لطافت جي لهجي ۾ لاجواب آهي سندس شاعريءَ کي پوري سنڌ جي ڳوٺن، جر جھنگ، شهر شهر ۾ پنهنجي جادوئي آواز ۽ انداز ۾ عام ڪري ڇڏيو ھنن چيو تہ استاد بخاريءَ جي شاعري سنڌ جي هر ڳوٺ ڳليءَ، واهڻ وستيءَ ۽ هر شهر ۾ ڳائي،ٻُڌي ۽ پڙهي وڃي ٿي سنڌ جي نوجوان کي استاد جي شاعري مان لاڀ حاصل ڪرڻ گھرجي ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ بعد مشاعرو پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ سيد غفور شاھ تقوي، قمبر ٻُٽ، سڪندر سرواڻ، امتياز دانش، مجيب سنڌي، سيد سجاد علي شاھ، جبار غريب، امداد لاشاري، جمشيد زهراڻي، شبير لاکو، علي نواز لنجواڻي، خالق ڀٽي ۽ ٻين پنهنجون تخليقون ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت
ملير
0 تبصرے