سنڌ حڪومت پاران ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر

سنڌ ڪابينا وڌ کان وڌ سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني

سنڌ حڪومت پاران ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اشتهاري مفرور خطرناڪ ڏوهارين جي سر جي قيمت وڌائي وئي.قتل، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦر ۽ ڦر دوران ريپ جي جوابدارن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو، خطرناڪ ڏوهه لاءِ سر جي قيمت 5 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جي به قيمت 5 لک مقرر ٿي وئي.سنڌ ڪابينا وڌ کان وڌ سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.ذريعن موجب سنڌ ۾ اهڙا جوابدار جن جي سر جي قيمت 5 لک رپيا آهي، انهن جو انگ اڳ کان وڌي ويو.