پنجاب يونيورسٽي ۾ پي ايس ايف ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا: منصور علي شاهاڻي

هڪ تنظيم پاران پي ايس ايف جي ڪارڪنن تي تشدد واري واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي: وڏي وزير جو خاص مددگار

پنجاب يونيورسٽي ۾ پي ايس ايف ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا: منصور علي شاهاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي شاگردن جي معاملن بابت خاص مددگار منصور علي شاهاڻي، پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب يونيورسٽي ۾ هڪ ناگوار واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ تنظيم پاران پي ايس ايف جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪو واقعو مذمت جوڳو آهي ۽ ان عمل کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب يونيورسٽي ۾ پي ايس ايف جي ڪارڪنن هڪ وڏو ڪنوينشن ڪيو هو، جنهن کان پوءِ پي ايس ايف جي نوجوانن تي تنظيم جي غنڊن ظلم ڪيو ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو. منصور علي شاهاڻي وڌيڪ چيو ته ڪنهن به سماج ۾ شاگردن تي تشدد منفي رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. هن زور ڏئي چيو ته اسان کي ايندڙ نسلن کي مثبت سياست سان روشناس ڪرائڻو پوندو. 25 جنوري تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهراڻ يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن. ان کان اڳ هو سنڌ يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر ۾ به وڃي چڪا آهن، جتي شاگردن ۾ ڊگريون ورهيايون. منصور علي شاهاڻي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ ڪنهن به سياسي جماعت وٽ نوجوانن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو جهڙو ليڊر موجود ناهي. اڄڪلهه نوجوان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ انٽرنيٽ جي بندش به شامل آهي، جڏهن ته دنيا ۾ تيز ترين انٽرنيٽ هلي رهيو آهي، شاگرد يونين تي لڳل پابنديءَ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مختلف سبب ڏيئي شاگرد يونين تي پابندي لڳائي وئي، جيڪا 39 سالن تائين برقرار رهي. سنڌ حڪومت 18هين ترميم جو فائدو وٺندي سنڌ ۾ شاگرد يونين تان پابندي هٽائي، ۽ جلد ئي شاگرد يونين جون چونڊون ٿينديون.