نوشھرو فيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن پاران بلڊ ڊونيشن ڪيمپ لڳائي وئي

نوشھرو فيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن پاران بلڊ ڊونيشن ڪيمپ لڳائي وئي

نوشھرو فيروز(ڊ ر) فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ سول اسپتال نوشھرو فيروز پاران پيراميڊيڪل اسڪول جي تعاون سان مفت بلڊ ڊونيشن ڪئمپ لڳائي ويئي۔ جنهن ۾ پيراميڊيڪل اسڪول جي بئنچ 2025 جي شاگردن وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏئي خوشيء جو اظهار ڪيو ويو ان موقعي تي اسڪول جي استاد علي اصغر چنه۔ اي ايم ايس ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي۔ انچارج بلڊ بئنڪ غلام اڪبر ناريجو سماجي اڳواڻ اعجاز ممنائي ۽ ٻين چيو ته هر سال جيان هن سال به رت جي عطيي جي ڪئمپ لڳائي رهيا آهيون هن ڪئمپ جو مقصد ٿيليسميا ۽ ڊائلاسز جي مريضن جي رت جي مد ۾ مدد ڪرڻ آهي الله سائينء اسان کي توفيق ڏني آهي ته اسان ضرورتمندن جي مدد ڪري رهيا آهيون اڳواڻن چيو ته رت ڏيڻ سان توهان جي جسم کي نئون ۽ تازو رت ٺاھڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هر ماڻهو سال ۾ ٻه دفعا رت ڏيڻ سان رت جو ڪينسر، دل جون بيماریون ۽ فالج وغيره ٿیڻ جا امڪانات 88 سیڪڙو گهٽ ٿي وڃن ٿا، اسان جي جسم ۾ رت جي زندگي 120 ڏينهن آهي ته ڇونه اسان اِهو رت ضايع ٿيڻ کان بچايون ۽ زندگين لاءِ عطيو ڏيون.اسان جو ايمان آهي ته "جنهن هڪ زندگي بچائي ڄڻ ان پوري انسانيت کی بچایو۔