مزاري ڌر جي هٿياربندن ٻن مغوين جي پلاند ۾ نندواڻي ڌر جي پيرسن کي اغوا ڪري ورتو آهي: وارث
ڪشمور(ڊ ر) هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل مزاري قبيلي جي ٻن نوجوانن فيض الله ۽ خالق مزاري کي ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي جڏهن ته مزاري برادري ۽ نندواڻي برادري ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي پوليس جي نااهلي سبب ڪشمور ضلعي جا ٻه قبيلا مزاري ۽ نندواڻي آمهون سامهون ٿي ويا آهن مزاري قبيلي جي هٿياربندن ٻن نوجوانن جي بدلي ۾ نندواڻي قبيلي جي هڪ پيرسن شخص کي اغوا ڪري ورتو آهي مزاري قبيلي جي ماڻهن يرغمال بڻايل جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي وڊيو ۾ نندواڻي برادري جو پيرسن شخص پنهنجي برادري ۽ پنهنجي قبيلي جي سردار کي اپيل ڪري رهيو آهي ته فوري طور تي مزاري برادري جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي مزاري قبيلي جو چوڻ آهي ته نندواڻي برادري جي ڏوهارين اسان جي ٻين نوجوانن کي اغوا ڪيو آهي ڌاڙيلن اسان جي ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن مزاري برادري جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اسان جي ٻن نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي جيستائين اسان جي ماڻهن کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين نندواڻي قبيلي جي ماڻهن کي نه ڇڏينداسين علائقي ۾ ٻنهي قبيلن جو اثر رسوخ آهي جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بروقت ڪارروائي نه ڪئي ته ٻنهي قبيلن ۾ وڏي ڇڪتاڻ جو وڏي خدشو آهي
0 تبصرے