ملير: ڀينس ڪالوني مان ڍور چوري ڪرڻ لاءِ پورهيتن کي زهريلو کير پيئاريو ويو، 6 ڄڻن جي حالت خراب

مال جي واڙي مان ڍور چوري ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندڙ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي: ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي

ملير: ڀينس ڪالوني مان ڍور چوري ڪرڻ لاءِ پورهيتن کي زهريلو کير پيئاريو ويو، 6 ڄڻن جي حالت خراب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني مال جي واڙي ۾ کير پيڻ سبب 6 ڄڻن جي حالت خراب، اسپتال منتقل، 5جوابدار گرفتار، تفصيل موجب ملير جي سڪڻ واري علائقي ڀينس ڪالوني مال جي واڙي ۾ کير پيئڻ سبب 6 ڄڻ ظھیر احمد، شبير احمد، منیر احمد، اسد علي، محمد صدیق ۽ مجیب جي حالت خراب ٿي وئي جن کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻئي طرف فوڊ اٿارٽي طرفان کير جا نمونا حاصل ڪري چڪاس ڪرائي وئي جنهن ۾ سفوف پائوڊر جازهريلا جزا مليا هوڏانهن پوليس زهريلو کير پياري بيهوش ڪري ڍور چوري ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ٻڌايو واڙي جي ملازمن جوابدارن سان گڏجي چوري جو منصوبو جڙيو هو جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن وٽان ٻوسٽن انجيڪشن، زهريلو ڪيميڪل ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ ایم ایل اورپورٽ موجب کير ۾ زهر جا جزا شامل هئا ۽ فوڊ اٿاري به کير جا جزا حاصل ڪري ٽيسٽ ڪرائي آهي