هالا ۾ سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب

سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان سيد ذوالقار علي شاھ لڪياري، نبي بخش پنھور ۽ ٻين کي حلف کڻايو

هالا ۾ سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) سروري اسٽوڊنس فيڊريشن سنڌ جي صدر ذوالفقار علي شاھ لڪياري ۽ انفارميشن سيڪريٽري صوبي سنڌ لاء نبي بخش پنھور کي ذميواري ملڻ تي عمرڪوٽ ۾ مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري. خبر موجب سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صوبائي صدر سيد ذوالقار علي شاھ لڪياري ۽ انفارميشن سيڪريٽري صوبائي سنڌ لاء چونڊجي آيل نبي بخش پنھور ۽ ٻين عھديدارن کي ھالا ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان پاران حلف کڻايو ويو جڏھن ته سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صوبائي صدر لاء سيد ذوالفقار علي شاھ لڪياري ۽ سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي لاء نبي بخش پنھور سميت ٻين عھدن تي چونڊجڻ تي عمرڪوٽ ۾ سروري جماعت جي اڳواڻن، ڪارڪنن، سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي عھديدارن پاران مبارڪباد ڏيئي خوشي جو اظھار ڪيو آھي ان موقعي تي سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي انفارميشن سيڪريٽري نبي بخش پنھور ٿورا مڃيندي چيو ته سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد سروري جماعت جي اڳوڻي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فھيم جي اجازت سان اسان عمرڪوٽ ۾ تنظيم ٺاھي سرگرميون شروع ڪيون ھيون ۽ مختلف عھدن تي ڪم ڪرڻ بعد ھن وقت مونکي صوبي سنڌ جو انفارميشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي جنھن تي آئون تمام گھڻو ٿورائيتو آھيان ھن چيو ته تنظيم سازي ۽ واڌ ويج لاء ڀرپور ڪوششون وٺي تنظيم کي وڌ کان وڌ مظبوط ڪيو ويندو.