ميروخان ويجهو ڀاڻيجن فائرنگ ڪري مامي ۽ ٻن ماروٽن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڳوٺ قائم چانڊيو ۾ جوابدار الهڏنو چانڊيو، انور چانڊيو ۽ ڪمال چانڊيو کي قتل ڪري فرار

ميروخان ويجهو ڀاڻيجن فائرنگ ڪري مامي ۽ ٻن ماروٽن کي قتل ڪري ڇڏيو

ميروخان (رپورٽر) ميروخان ويجهو پراڻي تڪرار تان ڀاڻيجن فائرنگ ڪري سڳي مامي ۽ ٻن ماروٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ قائم کان چانڊيو ۾ جوابدارن مامي ﷲ ڏنو چانڊيو جي گهر تي حملو ڪري پسٽل ۽ رپيٽر جا فائر ڪري 60 سالن جي ﷲ ڏنو سندس ٻن پٽن 30 ورهين جي انور ۽ 19 ورهين جي ڪمال چانڊيو کي ٿڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع بعد ميروخان پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽنهي مقتولن جا لاش تعلقه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، پوليس موجب سال 2010 ۾ مقتول ﷲ ڏنو پنهنجي ڀيڻيوي ۽ سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ واقعو پيش آيو آهي. جوابدار قمبر تعلقي جي مهي مڪول ٿاڻي جي حد جا رهواسي آهن جيڪي واقعي بعد گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هڪ ئي گهر ۾ پيءُ ۽ ٻن نوجوان پٽن جي قتل بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.