ملير: اسٽيل مل انتظاميه پاران گلشن حديد جي رهواسين جون پاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ جي ڪوشش

پاڻي بحال نه ٿيو ته هزارين علائقي واسين سان گڏجي قومي شاهراھ بند ڪري ڇڏينداسين: مير عباس ٽالپر۽ ٻيا

ملير: اسٽيل مل انتظاميه پاران گلشن حديد جي رهواسين جون پاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ جي ڪوشش

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ملز انتظامیه گلشن حدید ۾ مڪمل طور پاني بند ڪرڻ لاءِ وال ويلڊنگ ڪرڻ لاءِ پهچي وئي، اطلاع تي رهواسي بلڪ واٽر پهچي ويا، چڪريون، انتظامياسامان سميت واپس، اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي سامهون احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، شام تائين پاڻي فراهم ڪرڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم، پاڻي بحال نه ٿيو ته هزارين علائقي واسين سان گڏجي قومي شاهراھ بند ڪري ڇڏينداسين، مير عباس ٽالپر، عمير شاهد ۽ ٻيا تفصيل موجب اسٽيل ملز انتظامیه گلشن حدید ۾ مڪمل طور پاني بند ڪرڻ لاءِ ڪالھ پاِئپ جا وال ويلڊنگ ڪرڻ لاءِ پهتي ته اطلاع تي رهواسي پ پ اڳواڻ عباس ٽالپر ۽ يوسي چئيرمين رائو صفدر جي اڳوڻي ۾ بلڪ واٽر پهچي ويا جن انتظاميا کي والن کي ويلڊنگ کان روڪيو ته چڪريون ٿي پيون جنهن بعد رهواسين انتظاميا کان سامان کسي واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو ٻئي طرف پوليس جي مداخلت سبب رهواسين ڄاڻايل اڳواڻن جي اڳواڻِي اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو پوليس طرفان شام تائين پاڻي فراهم ڪرڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مير عباس ٽالپر، عمير شاهد ۽ ٻين چيو ته علائقي کي ڪربلا بڻايو ويو آهي ماڻهون پاڻي لاءِ پريشان آهن مٿان ٽيڻ تي واڌو بل موڪليا ويا آهن هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ پاڻي نه ڪرڻ ڏنو ويندو پاڻي بحال نه ٿيو ته هزارين علائقي واسين گهرن مان ڪڍي قومي شاهراھ بند ڪري ڇڏينداسين،