شهيد فاضل راهو سنڌ سان محبت ويڙيچن سان وچن ورجائڻ جو نالو هو، هن پورهيت عوام ۽ سنڌ تان ساھ ڏئي ڇڏيو: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ ملير طرفان شهيد فاضل راهو جي 38 هين ورسي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهائي ويئي، ڪراچي جي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي اڳواڻن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، شهيد فاضل راهو سنڌ سان محبت ويڙيچن سان وچن ورجائڻ جو نالو هو هن پورهيت عوام ۽ سنڌ تان ساھ ڏئي سنڌي عوام کي ويساھ ڏنو ته سنڌ جي بقا ۽ پورهيت جو انقلاب ضرور اچڻو آهي، مظھر راهوجو، فرحان لاڙڪ، اشفاق چنڙ، منان شيخ ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب شهيد فاضل راهو جي 38 هين ورسي ڪالھ قومي عوامي تحريڪ طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ مھائي وئي جنهن ۾ ڪراچي جي مختلف ضلعن مان ڪارڪنن، وڪيلن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو خطاب ڪندي چيو ته شهيد فاضل راهو سنڌ سان محبت ويڙهيچن سان وچن ورجائڻ جو نالو هو هن پورهيت عوام ۽ سنڌ تان ساھ ڏئي سنڌي عوام کي ويساھ ڏنو ته سنڌ جي بقا ۽ پورهيت انقلاب ضرور اچڻو آهي هن چيو ته شهيد فاضل راهو وٽ دنيا جي هر شيءَ سک ۽ آرام هو پر هن سمورا سک ڦٽائي سنڌ ڪارڻ قيد ڪاٽيا اذيتون سٺيون پر ماروئڙن جي حقن جو سودو نه ڪيو ۽ آخري ساھ تائين پورهيت دشمنن کي للڪاريندو رهيو قومي عوامي تحريڪ جي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيو ته فاضل راهو سنڌ جي هارين، پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ وفا جو نالو آهي پورهيت عوام لاء سندس ڪيل تاريخ جو روشن بابا آھي ڪراچي جي صدر اشفاق چنڙ چيو ته شهيد فاضل جي قبر عوام جي دلين ۾ آهي جن شهيد جي قبر کي اقتداري سياسي وکر قطب آندو آهي تن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي هن چيو ته قومي عوامي تحريڪ سندس مشن تي هلندي اڄ به ميدان عمل ۾ موجود آهي سنڌ ۽ وسيلن جي بقا لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سامي ميمڻ چيو ته فاضل نظريو ۽ جدوجهد هو سندس نالو رهندي قيامت تائين زنده رهندو قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي رسول بخش پليجو جا لکيل ڪتاب هڪ ڀيرو پڙهڻ گهرجن علم ڄاڻ کان سوا عمل بيڪار آهي ان موقعي تي، ڪاشف خاصخيلي، قومي شاعر غفور شاھ، هري رام سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0 تبصرے