نيو ڪراچي ٽائون ۾ سوئي سدرن گئس لائين لڳائڻ سان عوام جون مشڪلاتون وڌي ويون آهن: شعيب بن ظھير

چيئرمين نيو ڪراچي محمد يوسف جي هدايت تي ڪي ڊبليو ايس بي ۽ ايس ايس جي سي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جو اجلاس

نيو ڪراچي ٽائون ۾ سوئي سدرن گئس لائين لڳائڻ سان عوام جون مشڪلاتون وڌي ويون آهن: شعيب بن ظھير

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)نيو ڪراچي ٽائون ۾ سوئي سدرن گيس لائين وڇائڻ لاءِ کوٽائي دوران پاڻي ۽ سيوريج جون لائينون متاثر ٿيون اھن، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته سيوريج لائينن جي متاثر ٿيڻ سبب گهٽيون ۽ مين روڊن تي گندو پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جنهن سان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف سدرن گيس ڪمپني ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ذميوارن ٺيڪيدار جو اجلاس گھرائي ورتو. وائيس چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون شعيب بن ظهير اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته گئس لائينون لڳائڻ سان پاڻي ۽ سيوريج جون لائينون متاثر ٿي رهيون آهن، جنهن سبب عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي، جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو ته اندر گھٽين ۾ مشينري نه لڳائي ويندي ۽ اتي ھٿ سان مزدورن کان کوٽائي ڪرائي ويندي پر ڪم ان جي ابتڙ ٿي رھيو آھي ۽ جيڪڏهن ڪو پاڻي ۽ سيوريج لائين متاثر ٿئي ته ان کي فوري طور مرمت يا مٽا سٽا جو ڪم ڪرايو ويندو پر بدقسمتي سان عوام جون بنيادي سهولتون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ لائينن جي مرمت جو ڪم به سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي.جنهن جي ڪري علائقي ۾ گندگي نظر اچي رهي آهي، عوام جون شڪايتون گهٽ ٿيڻ بدران وڌي رهيون آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي جا نمائندا خدمت جي جذبي سان عوام جا مسئلا گهٽ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهو جذبو ٻين ادارن ۾ به اختيار ڪيو ويو ته انشاءَ الله نيو ڪراچي ٽائون مسئلن کان پاڪ ۽ خوبصورت علائقو بڻجي ويندو. ان موقعي تي سوئي سدرن گيس ڪمپني جي وفد وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير کي يقين ڏياريو ته مڪاني ادارن جي نمائندن جي رهنمائي سان لائين لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ گيس لائين لڳائڻ دوران متاثر ٿيندڙ پاڻي ۽ سيوريج جون لائينن جي مرمت ڪئي ويندي ۽ جٿي انھن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ھوندي انھن کي فوري طور تبديل پڻ ڪيو ويندو.اجلاس ۾ يوسي چيئرمين يوسي وائيس چيئرمينن، وارڊ ڪائونسلرن، انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير، بي اينڊ آر آر آءِ سي نادر خان، سوئي سدرن گيس ڪمپنيءَ ڪي اي اي امر نقوي، شهزاد خان، عبدالحميد ۽ واٽر بورڊ اي ايڪس اين نواز احمد سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا