پروفيسر مدد علي جهتيال هڪ کاهوڙي محقق آهي: مقرر

کڙڪي: حيدرآباد ۾ “ تاريخ جهتيال برادري“ ڪتاب جي مهورت

پروفيسر مدد علي جهتيال هڪ کاهوڙي محقق آهي: مقرر

حيدرآباد ( اسٽاف رپورٽر) نامور اديبن ۽ ليکڪن چيو آهي ته پروفيسر مدد علي جهتيال هڪ کاهوڙي محقق آهي، جنهن پوري پاڪستان جي جهتيال برادري جي تاريخ مرتب ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. اهڙو اظهار نامور اديب پروفيسر ستار سروهي، مير نادر علي ابڙي، خير محمد ٻرڙي ۽ جهتيال برادري جي سنڌ توڙي پنجاب مان آيل معززين پروفيسر مدد علي جهتيال جي ڪتاب تاريخ جهتيال برادري جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ٿيل مهورتي تقريب دوران ڪيو. آل پاڪستان جهتيال اتحاد جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل مهورتي تقريب ۾ سنڌ ۽ پنجاب سميت ملڪ جي مختلف شهرن مان جهتيال برادري جي معزز شخصيتن ۽ مهمانن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڊاڪٽر امان الله جهتيال، جهتيال برادري جي چيف سردار منور خان جهتيال، ضمير حسين جهتيال، قادر بخش جهتيال ولد حاجي الحاج احمد خان جهتيال، عبدالخالق جهتيال ۽ ٻين جهتيال برادري جي معززين شرڪت ڪئي. مقررين چيو ته پروفيسر مدد علي جهتيال وطن دوست، محنتي ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ وڏي ڄاڻ ڏني آهي، هي ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ جهتيال برادري جا پورا تفصيل آهن. مقررين چيو ته مدد علي جهتيال جڏهن ڪميشن جو امتحان ڏيڻ ويو ته هن کان سوال ڪيو ويو ته جهتيال ڪير آهن؟، برادري جي تاريخ کان اڻواقف هجڻ ڪري هو پريشان ٿي ويو ۽ پوءِ ٻاهر اچي عهد ڪيائين ته جهتيال برادري جي تاريخ تي ڪتاب لکڻو آهي ۽ هن ڪري ڏيکاريو جيڪو تاريخي ڪم آهي، مقررين وڌيڪ چيو ته تاريخ تي ڪتاب لکڻ سولو ڪم ناهي، پوري ملڪ ۾ رهندڙ برداري جي تاريخ گڏ ڪرڻ لاءِ پروفيسر مدد علي جهتيال جي جاکوڙ قابل داد آهي، ڪتاب جي مصنف پروفيسر مدد علي جهتيال آيل مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته جهتيال برادري جي تاريخ کي ڪتاب جي صورت ۾ گڏ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، 2020 کان برادري جي تاريخ تي ڪم شروع ڪيو، جيڪو 4 سالن جي محنت بعد ڪتاب جي صورت ۾ اوهان جي سامهون آهي، اميد ته هي پورهيو قبول پوندو، هن چيو ته ڪتاب جو اردو ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي، جنهن جي مهورت پنجاب ۾ ڪئي ويندي ۽ اهڙي ريت ڪتاب جو انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي، انگريزي ڪتاب جي مهورت اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي، تقريب جي آخر ۾ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ فنڪارن سرن جي ورکا ڪندي شريڪ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.