ٺٽو: سول اسپتال مڪلي ۾ مرف جي ملازمن کي ستن مهينن کان پگهارون نه مليون، احتجاج

ٺٽو: سول اسپتال مڪلي ۾ مرف جي ملازمن کي ستن مهينن کان پگهارون نه مليون، احتجاج

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ضلعي ٺٽي جي وڏي سول اسپتال مڪلي ۾ مرف پاران رکيل ملازمن کي گذريل 7 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري ملازمن جا خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور، پگھارن کان محروم ٿيل ملازمن جو احتجاج، رھيل پگھارون ڏياري فاقہ ڪشي کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇ ي اھي، ان سلسلي ۾ پگھارن کان محروم ٿيل ملازمن صحت کاتي جي ملازمن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن انور جاکرو، محمود ڀنڀرو، لياقت عباسي، بچل پنھور، شاھجھان شاھ، مرتضيٰ ۽ بين جي اڳواڻي م ڪندي چيو تہ جڏھن کان سول اسپتال مڪلي جا انتظام مرف اين جي اوز سنڀاليا اھن، تڏھن کان اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ سميت ڪابہ صحت جي بھتر سھوليت عوام کي ميسر ناھي، ويتر مرف پاران رکيل ملازمن کي گذريل 7 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري ملازمن جا خاندان فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل اھن، پر انتظاميہ پگھارن کان محروم ٿيل ملازمن کي رھيل پگھارون ڏيڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري ملازم سراپا احتجاج بڻيل آھن، ھنن گھر ڪئي تہ مرف پاران رکيل ملازمن کي گذريل 7 مھينن جون پگھارون جاري ڪري اسپتال مان دوائن جي کوٽ ختم ڪري اسپتال ايندڙ مريضن کي صحت جون بھتر سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.