شڪارپور ۾ پورهيت جو پٽ سان گڏ نياڻي ۽ ناٺي خلاف احتجاج

نياڻي ريما 10 سال اڳ پنھنجي گھران نڪري حاڪم معرفاڻي سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو: رفيق احمد ڪرٽيو

شڪارپور ۾ پورهيت جو پٽ سان گڏ نياڻي ۽ ناٺي خلاف احتجاج

شڪارپور(احسان ابڙو)شڪارپور اللہ آباد ڪالوني واسي پورھيت رفيق احمد ڪرٽيو پنھنجي پٽ فرحان سان گڏجي پريس پھتو جتي ھن پنھنجي نياڻي ريما ۽ سندس جي مڙس حاڪم معرفاڻي خلاف ميڊيا آڏو دانھيندي احتجاج ڪندي چيو تہ منھنجي نياڻي ريما 10 سال اڳ پنھنجي رضا خوشي سان گھران نڪري حاڪم معرفاڻي نالي شخص سان ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو,مونکان ۽ منھنجي سموري خاندان کان بيزاري ڏني وئي ھئي,ھاڻي مونکان پنھنجي مڙس حاڪم معرفاڻي معرفت ملڪيت جو حصو گھرڻ جي دعوي ڪري رھي آھي,جڏھن تہ مان ان کان بيزاري ڏيئي ڇڏي آھي,۽ پنھنجي سموري ملڪيت گھرواري ۽ ٻن پٽن ۽ ھڪ ٻي نياڻي جي نالي ڪري ڇڏي آھي, ھو پنھنجي مڙس حاڪم معرفاڻي سان گڏجي مونکي ۽ منھنجي خاندان کي حراسٽ منٽ ڪري رھيا آھن, حاڪم معرفاڻي بااثر آ ھن جا ڏوھارين واسطہ آھن پٽن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي, منھنجي مٿان ڪورٽ سڳوري ۾ ڪوڙو ملڪيت جي دعوي جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آھي,ھن سيشن جج شڪارپور,ايس ايس پي شڪارپور سميت وس وارن کان گھر ڪئي تہ خدارا منھنجي مدد ڪئي وڃي ۽ بااثر حاڪم معرفاڻي کان مونکي ۽ منھنجي خاندان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.