جماعت اسلامي جي جدوجهد بعد گيس انتظاميه حرڪت ۾ آئي آهي: عبدالستار برفت

گيس جي مڪمل بحالي تائين جدوجهد جاري رکي ويندي: سماجي اڳواڻ علي بابا پنھور

جماعت اسلامي جي جدوجهد بعد گيس انتظاميه حرڪت ۾ آئي آهي: عبدالستار برفت

اوڀر ڪراچي(اعجاز چانڊيو) جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالستار برفت ۽ سماجي اڳواڻ علي بابا لاسي ڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جولائي 2022ع کان سهراب ڳوٺ جي علائقي لاسي ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ گيس جي بحالي لأ جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان اسين جدوجهد ڪري رهيا آهيون 19 ڊسمبر تي گئس انتظاميه جي زونل آفيس آڏو وڏو احتجاج ڪيو پر هميشه آسرن ۾ رهايو ويو ان بعد اسان مجبورن ٿي محتسب اعلي جو در کڙڪايو جتان انصاف ملي جتي اسان پنهنجا بل ڏيکاريا جيڪي مڪمل ڀري چڪا هئاسين 14 جنوري تي اسان کي متحسب اعلي گهرايو ان بعد مقامي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي جنهن بعد ڪجهه علائقن ۾ لائينون وڇايون پيون وڃن جيڪو جماعت اسلامي جي جدوجهد جو نتيجو آهي عوام کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي اسان کي اميد آهي ته علائقي جي گيس جلد بحال ٿيندي جڏهن ته ڪيترن مهينن کان گيس نه هجڻ جي ڪري صارفين ڏانهن لکين روپيا اضافي بل اماڻيو ويو جيڪو سراسر ظلم آهي گيس جي بحالي لأ جماعت اسلامي جدوجهد ڪري رهي آهي ڪجه ماڻهو اسان جي جدوجهد کي هأ جيڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن عوام انهن کي خوب ڄاڻي ٿو اسان هڪ ڀيرو ٻيهر گيس انتظاميه جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته گيس جا اضافي بل رد ڪري لاسي ڳوٺ ايوب ڳوٺ نور خان ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ گيس جي بحالي کي يقيني بڻائي عوام ۾ بي چيني ختم ڪئي وڃي