اجلاس ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو
ملير (ڊ ر) ابراھيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي صدارت ۾ حڪومت سنڌ ۽ عالمي بئنڪ جي گڏيل منصوبي (ڪلڪ) جي سينيئر آفيسرن، ڪنسلٽنٽ، آفيشلز ۽ انجنيئرز سان گڏ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ميٽنگ منعقد ٿي جنھن ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ آفيسرن تي زور ڀريو ويو ته ڪلڪ پروجيڪٽ جي تحت ابراهيم حيدري ٽائون ۾ هلندڙ سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ڻطير ڀٽو چيو ته ترقياتي اسڪيمن جي تعمرات ۽ معيار کي هر صورت ۾ بهتر بڻايو وڃي، منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان منصوبن مان فائدو وٺي سگهي، هن چيو ته ترقياتي منصوبن جي معيار ۽ ڪوالٽي جي ڪم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ آء ڪنهن به وقت سرپرائيز وزٽ ڪندس، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته (ڪلڪ) پروگرام جي تحت ابراهيم حيدري ٽائون جي مختلف علائقن ۾ روڊ، اسپتال، ڪرڪيٽ گرائونڊ۔ فٽبال گرائونڊ ۽ ميٽرنٽي هوم سميت ٻين منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، منصوبن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون حاصل ٿينديون. اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، سپريٽينڊنٽ انجنيئر سهيل ملاح سميت (ڪلڪ) جي ڪنسلٽنٽ، آفيشلز ۽ انجنيئر به موجود هئا.
0 تبصرے