شڪارپور بچايو تحريڪ پاران نئين باڊي جي حلف برادري تقريب جون دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري

چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري، وائيس چيئرمين مولانا مشتاق احمد سھندڙو ۽ ٻيا 20 جنوري تي حلف کڻندا

شڪارپور بچايو تحريڪ پاران نئين باڊي جي حلف برادري تقريب جون دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ پاران نئين باڊي جي حلف برادري تقريب جون دعوتون ڏيڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو، شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 لاء اليڪشن ۾ چونڊجي آيل نئين باڊي جي عھديدارن چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري ، وائيس چيئرمين مولانا مشتاق احمد سھندڙو ، جنرل سيڪريٽريپروفيسر پرڪاش لال ، جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل ، پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو ، نانس سيڪريٽري ڏاڏو طاھر سومرو، آفيس سيڪريٽري عبدالغفور دايو جن پنھنجي عھدن جو حلف 20 جنوري سومر جي ڏينھن شام جو 5 بجي ايس ايس گارڊن شادي ھال ۾ کڻڻ جي سلسلي ۾ شھر دعوتناما ڇپرائي دعوتون ڏيڻ لاء مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون ڪميٽي اڳواڻن نئين چونڊجي آيل چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري ، جنرل سيڪريٽري پروفيسر پرڪاش لال جي اڳواڻي ۾ حافظ فضل الله نوراني ، ڪامريڊ احسان جيھو ، افضل حسين مغل ، ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ ، عبدالغفور دايو ۽ ٻين پاران شھر جي لکيدر کان مين ڀٽائي بازار ، ڊڪ بازار ، ڪپڙي مارڪيٽ کان ويندي سبزي منڊي تائين پيادل نڪري پيا عھديدارن مارڪيٽ جي صدرن کي دعوتناما ڏنا ويا شھر جي ڪاروباري ڌرين پاران ڀرپور موٽ ڏني وئي شرڪت جي يقين دھاني پڻ ڏني وئي ساڳي وقت ڪميٽي ميمبرن پاران ال سمال ٽريڊرس جي اڳواڻن ، شھر جي تمام معزز شھرين ، ڪاروبارين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي ٻئي پاسي ضلعي جي مختلف ڊپارٽمينٽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ شڪارپور ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر شڪارپور ، شيخ اياز يونيورسٽي انتظاميا پھچي دعوتناما پڻ ڏنا ويا ته ساڳي وقت ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پرائمري ۽ ايليمينٽري جي ضلعي انتظاميا کي بہ دعوتون ڏنيون ويون ته ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شڪارپور جي وڪيل برادريءَ کي بہ دعوتناما ڏنا ويا وڌيڪ دعوتن جو سلسلو پڻ جاري ھيو