شڪارپور بچايو تحريڪ جي نئين چونڊجي آيل باڊي جو اجلاس چيئرمين علامه مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ ٿيو

نئين باڊي کي ڏنل اختيار تحت حلف برداري تقريب 20جنوري تي ٿيندي: فيصلو

شڪارپور بچايو تحريڪ جي نئين چونڊجي آيل باڊي جو اجلاس چيئرمين علامه مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ ٿيو

شڪارپور ( احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ جي نئين چونڊجي آيل باڊي جو اجلاس چيئرمين علامه مسعود احمد قادري جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ وائيس چيئرمين علامه مولانا مشتاق احمد سھندڙو جنرل سيڪريٽري: پروفيسر پرڪاش لال جوائنٽ سيڪريٽري: افضل حسين مغل فنانس سيڪريٽري: ڏاڏو ظاھر سومرو پريس سيڪريٽري: ڪامريڊ احسان جيھو آفيس سيڪريٽري: عبدالغفور دايو پاران شرڪت ڪئي وئي جتي ڪجھ ڏينھن اڳ حلف برداري تقريب ۽ وينيو بابت جنرل باڊي جي اجلاس ۾ نئين باڊي کي ڏنل اختيار تحت حلف برداري جي تقريب 20 جنوري مقرر ڪئي وئي جڏھن ته وينيو لاء سمبارا اسڪائوٽ ھيڊ ڪوارٽر جو فيصلو پڻ ڪيو ويو