فوت ٿيل مهاڻن جي گهر ۾ بک ۽ بدحالي وڌي وئي، گهرڀاتي معصوم ٻچڙن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سمنڊ ۾ 11 مھينا اڳ مڇي جو شڪار ڪندي ٻڌي فوت ٿيل 14 مهاڻن جي وارثن کي سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل معاوضو نه مليو، فوتي مهاڻن جي گهر ۾ ڪمائيندڙ مردن جي فوت ٿيڻ بعد بک ۽ بدحالي وڌي وئي، فوتي مهاڻن جي وارثن کي ايف سي ايس رڳو في گهر 50 هزار ڏنا جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان هر هڪ فوتي کي 10 لک روپيا ڏيڻ جو واعدو 11 مهينا گذرڻ باوجود وفا نه ٿيو، زندگي ڏکي گذري رهي آهي تعليم ۽ علاج هڪ طرف پر ٻچا ڦاڪا ڪاٽي رهيا آهن، حڪومت اعلانيل رقم ادا ڪري،وارثن جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ابراهيم حيدري لڳ سمنڊ ۾ 11 مهينا اڳ 5 مارچ تي مڇي جو شڪار ڪندي ٻڌي فوت ٿيلن احمد پٽ ابوالحسن، قيوم بهاري، سجاد گندرو پٽ عثمان، شير ملاح پٽ يعقوب، عبدالرحيم پٽ ناظر حسين، نور عالم پٽ ابوالامين، محمد کوکهي پٽ سڪندر جوکيو، رياض علي پٽ اشرف خاصخيلي سميت 14 ڄڻن جي وارثن کي سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل معاوضو اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي جنهن سبب فوتي مهاڻن جي گهر ۾ ڪمائيندڙ مردن جي فوت ٿيڻ بعد بک ۽ بدحالي وڌي وئي آهي جڏهن ته ان حوالي سان فوتي مهاڻن جي وارثن کي ايف سي ايس رڳو في گهر 50 هزار ڏنا جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان هر هڪ فوتي کي 10 لک روپيا ڏيڻ جو اڃان تائين واعدو وفا نه ٿي سگهيو آهي آهي ان سلسلي ۾ فوتي مهاڻن جي واثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامورن لسٽون ٻه ٺاهيون ۽ وارثن کان بينڪ اڪائونٽ به کولرايا پر عملي طرح ڪجھ به نه ٿي سگهيو آهي وارثن ٻڌايو ته زندگي ڏکي گذري رهي آهي تعليم ۽ علاج هڪ طرف پر ٻچا ڦاڪا ڪاٽي رهيا آهن حڪومت اعلانيل رقم ادا ڪري اسان حڪومتي امداد جا منتظر آهيون
0 تبصرے