نيو ڪراچي ٽائون ۾ سوئي گيس ڪمپني پاران لڳل لائينن سبب عوام پريشان

چيئرمين محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ نيو ڪراچي ٽائون جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو

نيو ڪراچي ٽائون ۾ سوئي گيس ڪمپني پاران لڳل لائينن سبب عوام پريشان

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)نيو ڪراچي ٽائون ۾ سوئي گيس ڪمپني پاران لڳل لائينن سبب عوام پريشان. چيئرمين محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ نيو ڪراچي ٽائون جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو.ان موقعي تي انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير، اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽيشن چيئرمين عمران فقير، سوئي سدرن گيس ڪمپني ۽ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جا ذميوار پڻ موجود ھيا. چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف سوئي سدرن گيس ۽ واٽر بورڊ انتظاميه جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سوئي سدرن گيس انتظاميه ۽ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ عملدار متاثر علائقن ۾ عوام جو احساس ڪن. گيس لائين وڇائڻ سبب سيوريج جون لائينون خراب ٿي رهيون آهن، جنهن سبب علائقي جي رهواسين جي گهرن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته سيوريج جو گندو پاڻي صاف پاڻي کي به خراب ڪري رهيو آهي، سيوريج لائينن جي ڪري گندو پاڻي گهٽين ۾ جمع ٿي رهيو آهي. جنهن سبب علائقي جي رهواسين جي گهرن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي،جنهن سبب مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي رهيو آهي، جنھن سبب نيو ڪراچي ٽائون ۾ مختلف بيماريون جنم وٺنديون..تنهن ڪري معاهدي موجب متاثر پاڻي ۽ سيوريج لائينن جي مرمت ڪرائي وڃي اندرين گهٽين ۾ لائينون ۽ تبديلي وارو عمل تيز ڪيو وڃي. چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف چيو ته اسان جماعت اسلامي جا نمائندا آهيون ۽ عوام جي ووٽن سان چونڊيل آهيون، نيو ڪراچي ٽائون ۾ جتي به پاڻي ۽ سيوريج جا مسئلا آهن، انهن کي حل ڪيو وڃي ته جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگھن ۽ نيو ڪراچي ٽائون جو عوام سک سان ساهه کڻي سگهي. علائقائي طور تي اسان جا يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين گيس جي ھلندڙ ڪمن جي نگراني ڪندا. جتي به عوام سان زيادتي ٿيندي ته جماعت اسلامي جا نمائندا گڏ هوندا ۽ عوام جا مسئلا حل ڪندا