گڏاپ جي ميونسپل چيئرمين پاران وليداد سالار ڳوٺ ۾ سولر سسٽم اسڪيم جو افتتاح

گڏاپ جي ميونسپل چيئرمين پاران وليداد سالار ڳوٺ ۾ سولر سسٽم اسڪيم جو افتتاح

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو، ڪائونسل ميمبر عبدالستار جوکيو، ميونسپل ڪمشنر احمد يار ۽ سولر سسٽم واٽر سپلاءِ اسڪيم ولي داد سالار ڳوٺ يو سي گھگھر گڏاپ ٽائون جو افتتاح ڪيو، چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته اسان تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت۽ ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم بجار جي سهڪار سان گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي ڪم جاري آھين سپرنٽينڊنٽ انجنيئر نور علي جمالي AEEوسيم آرائين بهترين انداز م ڪم ڪن پيا ،ڪائونسل پاران تجويز ڪيل اسڪيمن تي عمل ڪرڻ ۾ مصروف آهي وائيس چيئرمين جام محمد جوکيو چيو ته گڏاپ ٽائون جي سمورن کاتن جي بروقت ڪارڪردگي سبب گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي ڪمن ۾ نمايان ڪارڪردگي نظر اچي رهي آهي، خاص ڪري گڏاپ ٽائون جي ايم اينڊ اي کاتي جي. ان اسڪيمن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويا آهن، ميونسپل ڪمشنر احمد يار جو چوڻ آهي ته گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي ڪمن کان علاوه ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ويااھن ان موقعي تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر (ايم اينڊ اي) نور علي جمالي، AEE وسيم آرائين، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، پي ايس وائيس چيئرمين جهانزيب جوکيو، پي ايس چيئرمين لال جان نبي ۽ مقامي معززين پڻ موجود هئا.