ڪراچي: صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سان ميونسپل چيئرمين منگھوپير جي ملاقات

پيپلزپارٽي عوام جي ڀلائي ۽ علائقي جي ترقي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي: صوبائي وزير سيد ناصر شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سان ميونسپل چيئرمين منگھوپير جي ملاقات

ڪراچي (اعجاز چانڊيو) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي جي منصوبابندي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ملاقات خصوصي ملاقات. علائقي جي مسئلن بابت اھم اڳڀرائي. ملاقات ۾ منگهو پير ٽائون جي دلدار رند ڳوٺ، مائي ڳاڙھي، ڄام چاڪرو ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جو مقصد علائقي جي بهتري لاءِ رکيل منصوبن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ هو. ان کان علاوه ملاقات ۾ عوامي مسئلن جي حل ۽ توانائي وسيلن جي بهتر استعمال تي به غور ويچار ڪيو ويو. اميد آهي ته اهڙن قدمن سان علائقي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر شاھ سان ملاقات دوران حاجي نواز علي بروهي منگھوپير جي عوام کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، جنهن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، روڊن جي تعمير، ڊرينيج سسٽم جي بهتري ۽ توانائي جا مسئلا شامل هئا. هن توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه کان مطالبو ڪيوانهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ خاص فنڊ ۽ وسيلا فراهم ڪيا وڃن. ڇو ته هن جديد دور ۾ به ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هتي آباد اهي ماڻهو اڄ به گئس، بجلي ۽ پاڻي جهڙين اهم سهولتن کان محروم آهن. ان موقعي تي ناصر حسين شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته انهن منصوبن جي اهميت کي تسليم ڪندي مان يقين ڏيان ٿو ته حڪومت انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي ڀلائي ۽ علائقي جي ترقي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي. ان کان علاوه هن توانائي جي مسئلن جي حل لاءِ جديد ۽ قابل تجديد ذريعن جي استعمال تي زور ڏنو ته جيئن خطي ۾ بجلي جي فراهمي کي مستحڪم ۽ موثر بڻائي سگهجي. هي ملاقات خطي لاءِ ترقي جا نوان رستا طئي ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي.