سنڌ حڪومت تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاء قدم کڻي رهي آھي: ايم پي اي راجا رزاق بلوچ

ملير ۾ 80کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن جون عمارتون زبون حال آھن: ڊي او ملير اقبال

سنڌ حڪومت تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاء قدم کڻي رهي آھي: ايم پي اي راجا رزاق بلوچ

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ 80کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن جون عمارتون زبون حال آھن جن جي مرمت جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي474 پرائمري اسڪولن مان 150کان وڌيڪ اسڪولن کي فرنيچر ڏيئي چڪا آھيون ٻين کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي ڊي او ملير اقبال ميمڻ ۽ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ جو فرنيچر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب تفصيل موجب ملير جي پرائمري اسڪولن ۾ فرنيچر ورهائڻ جي تقريب ڪئي ويئي جنهن ۾ ڊي او ملير اقبال ميمڻ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ ٽائون آفيسر غلام حيدر رند ايس پي ملير سعيد رند ايڊوڪيٽ ڪبرا جوکيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊي او ملير اقبال ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ملير ۾ 80کان وڌيڪ اسڪولن جون عمارتون زبون حال آھن جن جي مرمت جي رٿا بندي ڪري رهيا آھيون هن چيو ته ملير جي474پرائمري اسڪولن مان 150کان وڌيڪ اسڪولن کي فرنيچر ڏيئي چڪا آھيون رهيل اسڪولن کي فرنيچر ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي ايم پي اي رجا رزاق بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاء قدم کڻي رهي آھي فرنيچر جي کوٽ هر حال ۾ ختم ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ملير جي اسڪولن کي فرنيچر ڏيڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪئي ويئي آھي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا گڏجي اسڪولن جي مالڪي ڪري تعليم کي بهتر بڻائندا