پريالوءِ ويجهو قتل ٿيل ٻن نوجوانن واري واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو, پوليس جي ڪارروائي، 4 شڪي گرفتار

پريالوءِ ويجهو قتل ٿيل ٻن نوجوانن واري واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو, پوليس جي ڪارروائي، 4 شڪي گرفتار

پريالوءَ (رپورٽر) پريالوءَ لڳ فيض محمد ٻنڊو ٿاڻِي جي حد ڳوٺ کولرا ۾ ناريجا سولنگي تڪرار سبب هٿياربند جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي واري واقعي جو ايس ايس پي خيرپور توحيدالرحمان نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽارگيٽيڊ علائقن ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ پنج تعلقن جي پوليس نفري ۽ اي پي سي چين سميت جديد مشينري رواني ڪري ڇڏي آهي، جن جوابدارن جي ڳوٺن ۾ پهچي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جتان 5 شڪي به گرفتار ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور توحِيد الرحمان جو چوڻ آهي ته پوليس ڄاڻايل علائقن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ناڪابندي به ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ڪچي ۾ قائم ٿيل پوليس پڪٽن ۽ اسپيشل ٽيمن کي به الرٽ ڪيو ويو آهي، قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس مڪمل طور تي متحرڪ آهي، امن امان خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين.