عوامي شڪايتن تي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف يونين ڪميٽي نمبر 05 سيڪٽر 5-J جو دورو ڪيو
ڪراچي (رپورٽ اعجاز چانڊيو) چونڊيل بلدياتي نمائندن پاران نيو ڪراچي ٽائون ۾ ميونسپل جي سهولتن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. عوامي شڪايتن تي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف يونين ڪميٽي نمبر 05 سيڪٽر 5-J جو دوروڪيو. ان موقعي تي يونين ڪميٽي 05 جو چيئرمين عطا الرحمان، يوسي وائيس چيئرمين، وارڊ ڪائونسلر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد مشتاق خان ۽ ٻيا لوڪل گورنمينٽ آفيسر پڻ موجود هئا. چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف يونين ڪميٽي نمبر 05 سيڪٽر فائيف جي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جي مسئلن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف مقامي رهواسين سان ڳالهائيندي چيو ته واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي نااهلي سبب نيو ڪراچي ۾ پاڻي ۽ نيڪال جو نظام درهم برهم آهي. عوام جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي نيو ڪراچي ٽائون پنهنجي فنڊن سان مختلف علائقن ۾ پاڻي ۽ سيوريج جون لائينون تبديل ڪري عوام جا مسئلا گهٽايا آهن. هن چيو ته هو عوامي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ چونڊيل مڪاني ادارن جا نمائندا عوام جي مسئلن کان بخوبي واقف آهن جيڪڏهن عوامي خدمت ڪندڙ ادارا خاص ڪري واٽر اينڊ سيوريج بورڊ انتظاميه نيڪ نيتي سان گڏجي ڪم ڪن ته عوام جا مسئلا جلد ختم ٿي سگهن ٿا. اسان محدود وسيلن جي باوجود عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام سڪون سان زندگي گزاري سگھي. امن ۾ رهي ڪري ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن، جنهن جو ثمر جلد نيو ڪراچي ٽائون جي عوام کي نظر ايندو. اسان جي ڪوشش آهي ته نيو ڪراچي ٽائون جو انفراسٽرڪچر جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي، ان لاءِ ورلڊ بئنڪ جي تنظيم CLICK جي سهڪار سان ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن، جنهن جو ثمر نيو ڪراچي ٽائون جي عوام کي تمام جلد ڏسڻ ۾ ايندو.
0 تبصرے