English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
چمبڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي
views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمرانن اقتداري لاءِ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: اڳواڻ
چمبڙ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران چمبڙ ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مقصود احمد ڀرڳڙي، ڪامريڊ رامون ڪولھي، عثمان لغاري، هادي بخش ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ملتاني هوٽل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو پروانو آهي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي سنڌ جي درياھ، زمينن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مقصود ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. قومي عوامي تحريڪ جي عثمان لغاري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
چمبڙ
قومي عوامي تحريڪ
ريلي سنڌي ھاري تحريڪ
زمينن جي نيلامي
تڪراري ڪئنالن
0 تبصرے