مچ ڪچهري موسيقي، ثقافت ۽ سماجي ميل جول جي رنگن سان سرشار شام!

موسيقيءَ جو جادو، جوش ۽ جذبي جي لهر!

مچ ڪچهري موسيقي، ثقافت ۽ سماجي ميل جول جي رنگن سان سرشار شام!

حيدرآباد: حيدرآباد شهر کان ٻاهر، کليل فضا ۾ شيخ فارم ٽنڊو يوسف تي صحت کاتي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر لالا جعفر خان جي ميزباني هيٺ هڪ شاندار مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جيڪا موسيقي، ثقافت، ۽ سماجي ميل جول جو حسين امتزاج ثابت ٿي. هي رنگين شام حيدرآباد جي اهم سياسي، سماجي شخصيتن، ڊاڪٽرز، صحافين، ۽ نوجوان ليکڪن کي گڏ آندو، جتي پ پ اڳواڻ فرحين مغل، عاجز ڌامراهه، سيد فياض علي شاهه، عمير مولا بخش چانڊيو، پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ اڳواڻ افروز شورو، شبانا نواب، انيسه ولي الله، عقيلا جلباڻي، سينيئر صحافي الله بخش ڪنڀر، بشير ڀٽي، نوجوان ليکڪ عبدالغفور سروهي، آفتاب زئي، ناصر شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر لالا جعفر خان ۽ سندس ٽيم، تقريب جي ميزباني جا اعليٰ فرض نڀائيندي، مهمانن کي شاندار آجيان ڏني، جڏهن ته سنڌ جي ناليواري فنڪارن تعمير حسين، عباس فقير ۽ ٻين پنهنجي فن سان شام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تعمير حسين جڏهن پنهنجو لازوال غزل "مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ" پيش ڪيو ته ماحول وجداني ڪيفيت اختيار ڪري ويو، جڏهن ته عباس فقير جو انقلابي گيت "نٿو جي سنڌ لاءِ وڙهي، سو شهر ئي ڇڏي وڃي" ٻڌي نوجوانن جو جوش چوٽ چڙهي ويو، ۽ هو اسٽيج تي اچي جذباتي انداز ۾ رقص ڪرڻ لڳا. تقريب جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر لالا جعفر خان پاران ثقافتي طرز تي ترتيب ڏنل شاندار ڊنر پيش ڪيو ويو، جنهن کي مهمانن گهڻي پذيرائي ڏني. مهمانن، ميزبان جي استقبال، اعليٰ نظم و ضبط، ۽ بهترين بندوبست جي واکاڻ ڪندي، اهڙين ثقافتي سرگرمين کي سنڌ جي سڃاڻپ قرار ڏنو. هي مچ ڪچهري نه رڳو موسيقي، ثقافت، ۽ فن جو حسين امتزاج هو، پر ان تقريب سنڌ جي باشعور ۽ متحرڪ ماڻهن جي هڪت ۽ ساٿ جو شاندار مظاهرو پڻ پيش ڪيو، جيڪو ان کي هميشه لاءِ يادگار بڻائي ڇڏيو!