گهگهر ۾ بدامني ۽ عارف اُتيرو جي قتل خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي احتجاجي ريلي

عارف اتيرو جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا جيڪا سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ناھلي آهي: اڳواڻ

گهگهر ۾ بدامني ۽ عارف اُتيرو جي قتل خلاف جي يو آءِ جي  سڏ تي احتجاجي ريلي

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ بدامني، ڦُرن ۽ عارف اُتيرو جي قتل خلاف جمعيت علماء اسلام جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي، عارف اتيرو جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جيڪا سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ناھلي آهي اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گھگھر ۾ ٽي ڏينهن اڳ ڦوروئن ھٿان قتل ٿيل عارف اتيرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جمعيت علماء اسلام يوسي گھگھر جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ريلي محمدي چوڪ کان ٿيندي، مين روڊ تائين پھتي ان موقعي تي اڳواڻن ۽ شھرين قاري حمد الله حقاني مولانا عبدالماجد چاچڙ، قاري ثناء اللہ عثماني، صبغت اللہ لاکو، قاري غلام حسين، سماجي اڳواڻن جان محمد جاني، نظير زھراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو، شھر ۾ قانون نالي ڪا شئي نظر نٿي اچي، جنهن جو تازو مثال ٽي ڏينهن اڳ ڦر جي واردات دوران عارف اُتيرو کي گوليون هڻي قتل ڪيو جنهن جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جيڪا سنڌ حڪومت توڙي پوليس جي نااهلي آهي، ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو جاري رکيو ويندو