اصغر مهرائيءَ کي سيڪريٽري، سيد غفور شاهه کي جوائينٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ جون چونڊون ڪراچيءَ جي ضلعي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير جي نگرانيءَ هيٺ اليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر عابد مظهر، حمزو پنهور ۽ عنايت علي شاھ جي موجودگي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ سيڪريٽري اصغر مهرائيءَ، جوائنٽ سيڪريٽري سيد غفور شاهه تقوي، خزانچي امداد لاشاريءَ، آڊيٽر سڪندر سرواڻ سومرو، ۽ ڪائونسلر قمبر ٻُٽ کي چونڊيو ويو جڏهن ته امتياز دانش، مجيب سنڌي ،سيد سجاد علي شاھ، عبدالغفار عبد ۽ حنيف گُلڙي کي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير چيو ته ملير شاخ جي نئين باڊيءَ کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ساڳئي وقت اُميد ٿو ڪريان ته ملير شاخ ماضي جيان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي هن چيو ته اسان وٽ مقدار نه پر معيار جي اهميت آهي سنڌي ادبي سنگت هر دور ۾ ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي هن چيو ته اڄ جي شاعري فني ۽ فڪري حوالي سان تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي اڄوڪي شاعري ۾ نه رڳو سنڌ جي عڪاسي آهي پر پوري دنيا جي به عڪاسي آھي نئي چونڊيل سيڪريٽري اصغر مهرائيءَ چيو ته آءُ دوستن جي سهڪار تي سندن مشڪور آهيان سنڌي ادبي سنگت هر دور ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي سنگت ملير شاخ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان ۾ سينيئر شاعر موجود آهن جن گڏجي سنگت ۾ جان وڌي آهي سنگت ملير شاخ نه رڳو ملير جي ماڻهن جو ادبي ادارو آهي پر سڄي سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي تنظيم آهي هلندڙ سال ۾ ڀرپور ڪوشش هوندي ته دوستن جي ساٿ سان سُٺا پروگرام ڪرائجن.
0 تبصرے