ٽالهي ۾ مبينا قبضن بعد ميرپور خاص ريلوي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي

ريلوي عملدارن پاران سرڪاري پلاٽن تي مبينا قبضا ڪندڙن کي 7ڏينهن جو الٽيميٽم

ٽالهي ۾ مبينا قبضن بعد ميرپور خاص ريلوي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي

ٽالهي (رپورٽر) ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ميرپور خاص ريلوي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ريلوي جي سرڪاري پلاٽن تي مبينا قبضا گروپ کي ست ڏينهن جو الٽيميٽم سڀاڻي کان سڀني کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا، عملدار، خبر موجب: ٽالهي ريلوي جي سرڪاري پلاٽن تي مبينا طور قبضا ڪري ڪرينن ذريعي ڀرائيون ڪرائڻ ۽ اڏاوتون ڪرڻ بابت ميڊيا تي خبرون هلڻ کانپوءِ ميرپورخاص ريلوي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ريلوي عملدار پوليس ساڻ ڪري ريلوي جي سرڪاري پلاٽن تي مبينا قبضا ڪري ويٺلن وٽ پهتي سرڪاري پلاٽن جي ماپ ڪرڻ ۽ بااثرن پاران ڪرينن ذريعي کوٽائي ڪري سرڪاري زمين تي قبضن واري جاءِ جو معائنو ڪيو جنهن بعد ريلوي عملدارن پاران سڀني کي قبضا ختم ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو پوليس ذريعن موجب اڄ سومر کان سڀني کي قڀضا ختم ڪرڻ جا نوٽس جاري ڪيا ويندا قبضا خالي نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي وئي ويندي، جڏهن ته ريلوي عملدارن پاران ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو،