يڪتاري ۽ چپڙي جي بادشاهه جلال چانڊيو جي وڇوڙي کي 24ورهيه وهامي ويا

جلال چانڊيو جي 24هين ورسي جي حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪا به تقريب منعقد نه ٿي

يڪتاري ۽ چپڙي جي بادشاهه جلال چانڊيو جي وڇوڙي کي 24ورهيه وهامي ويا

نوشھروفيروز (ڊ ر) سنڌ جي نالي واري راڳي، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي بيتاج بادشاهه مرحو م جلال چانڊيو جي( اڄ ) 24 هين ورسي ملهائي پئي وڃي ، مرحوم جلال چانڊيو جي ورسي جي موقعي ثَقافت کاتي سميت انتظاميا هن منفرد راڳي کي وساري ڇڏيو . سندس 24 هين ورسي جي موقعي ته ڪابه تقريب رٿيل ناهي ، جڏهن سندس پٽن قلندر بخش چانڊيو ، قلندر بخش چانڊيو ۽ معشوق چانديو ، نادر جلال چانڊيو ۽ جونيئر جلال شهزاد علي ٻين سندس پرستارن پاران ڳوٺ ڦل ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي۔سندس پرستار سنڌ پنجاب بلوچستان کان سند س آستاني ڦل شھر پھچي ويا ويا آھن ياد رھي تي جلال چانڊيو جي ھڪ اوطاق ڦل شھر ۾ آھي تي سندس مليل ايوارڊ ۔ٽوپيون يڪتارو پيل آھن ۽ٻي اوطاق ضلعي رحيم يار خان ۾ آھي جتي سند س پرستار ان اوطاق کي جلال چانڊيو kجي تصويرن سان سينگاري رکيو آ جتي سرائڪي پٽي جا پرستا رايندا آھن۔آخر ۾ دلبر جلال ۔شھزاد جلال سندس والد جا پرڻا گانا ڳائي ٻڌائيا ۽ مطالبو ڪيو جيڪڏھن ايندڙ سال ثقافت کاتي بابا جي ورسي نه ملھائي ته ثقافت کاتي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين ۔