جي يو آءِ ضلعي سجاول جي مجلس عمومي جو اجلاس مولانامحمدصالح الحداد جي صدارت ۾ ٿي گذريو

جي يو آءِ ضلعي سجاول جي مجلس عمومي جو اجلاس مولانامحمدصالح الحداد جي صدارت ۾ ٿي گذريو

سجاول (رپورٽر) جميعت علماء اسلام ضلعی سجاول جي مجلس عمومي جواجلاس مولانامحمدصالح الحداد جي صدارت ۾ مدرسه الهاشميه سجاول ۾ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي مولامحمدصالح الحداد چيوته ضلعي ۾امن امان جي نالي تي ڪا شئي ناهي ڦرون عام آهن عوام سخت پريشان آهي انتظاميه خاموش تماشائی بڻيل آهي ۽آفيسن ۾ عوام جاجائزمسعلا حل نٿاٿين اسپتالن جي ڳڻتي جوڳي حالت آهي هڪ ته ڊاڪٽرنٿااچن پجيٽون آفيسر۽ڪامورا ملي ڀڳت ڪري ڪايووڃن مسڪين ماڻهون دربدرآهن ڌڪا کائيندا وتن ڪيربه ٻڌڻ لائي تيار ناهي اجلاس ۾ سمورن تعلقن ڪارگردگي رپورٽ پيش ڪئي ضلعي ۾دفترپڻ ٺاهڻ جواعلان ڪيوويو ۽هڪ سياسي ڪاميٽي ٺاهي وئي جيڪا عوام جا مسعلا حل ڪندي ۽ ضلعي سطح تي هڪ سيمينارمنعقد ڪرڻ جو فيصلوڪيوويو اجلاس کي حافظ فضل الله فياض مولانا محمد انورسومرو مولانااسدالله سنجراڻي مولانا غلام حسين ميمڻ خطاب ڪيو اجلاس ۾ مولاناعبدالرزاق کٽي مولاناطفيل کٽي ۽يوسي گهوٽاروجي چئرمين عبدالغني سومرو سميت ضلعي ميمبرن شرڪت ڪئي.