صوبي جي مختلف کاتن بابت شڪايت ھجي ته محتسبِ اعليٰ جي آفيس ۾ شڪايت ڪئي وڃي: علي اڪبر جاگيراڻي
قمبر(رپورٽر) گورنمينٽ گرلز ڪاليج قمبر ۾ محتسبِ اعليٰ آفيس جي حوالي سان شروعاتي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار ٿي گذريو. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر ريجنل محتسبِ اعليٰ لاڙڪاڻو ڊويزن علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته سماج ۾ خصوصي طور سنڌ صوبي جي انتظامن ھيٺ ڪم ڪندڙ مختلف کاتن بابت ڪابه شڪايت ھجي ته محتسبِ اعليٰ لاڙڪاڻو ريجن جي آفيس اچي شڪايت ڪرڻ سان اوهان جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرايو ويندو اسان جي آفيس جو بنيادي ڪم عام ماڻهن جي مدد ڪرڻ آھي. جتي به ڪنهن سان ڪا ناانصافي ٿئي ھجي اُھو اسان سان رابطي ۾ اچي ته سندس مسئلو ھنگامي بنيادن تي حل ڪرايو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته ھي ادارو توهان جي جائز مسئلن جي حل لاءِ کليل آهي. ھن خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪنھن به سرڪاري اداري جي خلاف ڪا به شڪايت ھجي ته اسان جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻي ۾ درخواست جمع ڪرائي يا اسان جي اِي ميل ايڊريس تي موڪلي ته ان تي عمل کي يقين بڻايو ويندو. ان موقعي تي گرلز ڪاليج جي شاگردياڻين مختلف مسئلن تي پڻ سوال ڪيا. جِن جا جواب ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ پڻ ڏنا. ان موقعي تي پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڪاليج پروفيسر نِگھت مھجبين شاھ، شاگردياڻيون ۽ ڪاليج جو عملو وڏي تعداد ۾ موجود ھئا.
0 تبصرے