عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) الحاج سيد علي مردان شاھ ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو 12ھون ميچ ماروي اسٽيڊم عمرڪوٽ ۾ ينگ مالھي ڪرڪيٽ ڪلب ۽ حر شاھين ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ ٽاڪڙو ٿيو پھرين بيٽنگ ڪندي ينگ مالھي ڪرڪيٽ ڪلب 20 اوورن ۾ 134 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن ۾ اشوڪ ڪمار مالھي 40 رنسون ٺاھي نمايان رھيو حر شاھين ڪرڪيٽ ڪلب جي بالر ليکراج تباھڪن بالنگ ڪندي 4, اوورن ۾ 21 رنسون ڏيئي پنج وڪيٽون ورتيون جواب ۾ حرشاھين ڪرڪيٽ ڪلب 14 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاھي رائونڊ ميچ کٽي ورتو جنهن ۾ بيسٽمين موسىٰ راڄڙ 45 خادم خاصخيلي 40 ۽ مقبول 35 رنسون ٺاهي نمايان رھيا ٽورنامنٽ جي چيف آرگنائزر رسول بخش رحمداڻي موسىٰ راڄڙ کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نامور اسپورٽس سماجي شخصيت رسول بخش رحمداڻي صحافين جي ھڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ھن وقت نوجوانن مان سياسي ڏاھپ رکندڙ وطن ۽ ڌرتي سان سچو ۽ کرو ٿي بيھڻ نوجوانن ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي امنگن جي ترجماني ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بھادر ۽ سچو اڳواڻ صوبائي وزير تعليم و معدنيات سيد سردار علي شاھ ھڪ حقيقت جي روپ ۾ ماڻهن جي دلين ۾ وسي ٿو ھو اسپورٽس ۽ راندين لاء به ڪوشان آهي ته سنڌ جا نوجوان تعليم سان گڏ اسپورٽس ڏانهن گامزن ٿين جنهن نموني ثقافت ۽ ڪلچر ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو اھڙي نموني سنڌ جي تعليم کاتي ۾ به انقلاني تبديليون آڻي رھيو آهي جنهن سان سنڌ صوبي جي عوام کي فائدو ٿيندو رسول بخش رحمداڻي وڌيڪ چيو اھو ڏينهن پري ڪونهي سيد سردار علي شاھ ميرٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان انشا الله سنڌ جو وڏو وزير ٿيندو ـ
0 تبصرے