English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، گهوٽ سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار
199 views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ٻن ڪارن ۾ خوفناڪ ٽڪر، چار ڄڻا فوت، ٻه ڄڻا زخمي. تفصيل موجب ڌابيجي ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ٻن ڪارين وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي. حادثي ۾ هڪ عورت سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي آهن. ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن تيز رفتاري سبب ٻئي ڪارون ڊرائيورن جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويون ۽ هو پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون. ڪارن جي ٽڪرائڻ سبب ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ياسمين ۽ ٻه ڄڻا امتياز ۽ اظهار الحسن موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته شاهه زين زخمن جا سور نه سهندي بعد ۾ فوت ٿي ويو،خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 4 ٿي ويو. حادثي زخمي ۽ فوت ٿيل ماڻهن کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن زخمي سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن جن کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو آھي. ياد رهي ته روڊ جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ ٽريڪ بند آهي ۽ هڪ ئي ٽريڪ تي ٻنهي طرفن جون گاڏيون هلي رهيون آهن، جنهن سبب اهڙا حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڌاٻيجي
ٺٽو
ومي شاهراه
0 تبصرے